مٺي(رپورٽ:غازي بجير) پ پ چيئرمين بلاول ڀُٽو زرداري ڏياري ملهائڻ لاءِ ڪالھ مٺي پهتو، جلسي ۾ عوامي سمنڊ اُٿلي پيو، جلسي کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀُٽو زرداري چيو ته آئون ڏياري ملهائڻ ٿر آيو آهيان،هن خطي سان منهنجو تمام گهڻو پيار جو رشتو آهي،اڄ اليڪشن جي شروعات هتان ڪئي آهي،ٿرواسين لکن جي تعداد ۾ گڏ ٿي پيغام موڪلي ڇڏيو آهي ته هاڻي ڪو به سليڪٽڊ قبول نه ڪبو،ڀارت جي انتهاپسند مودي ڏسي وٺي ته توهان اقليتن سان ظلم ڪري رهيا آهيو پر اسان پنهنجن اقليتي ڀائرن سان ڪيڏو پيار ڪيون ٿا،ڀارت ۾ اقليتين سان ظلم ۽ ڏاڍ هلي رهيو آهي،اڄوڪو جلسو مودي سرڪار جي مُنهن تي چماٽ آهي،هن وڌيڪ چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو اسان کي برابري جي سياست سيکاري آهي،ٿرواسيو توهان کي ديوالي مبارڪ هجي،جيڪي پارٽيون نفرت جي سياست ڪن ٿيون اُهو پ پ کان سبق سکن،هن چيو ته مهيش ملاڻي اسان جو هيرو آهي،هن چيو ته ن ليگ مهانگائي ليگ آهي، 8 فيبروري تي ان کي شڪست ڏينداسين،زرداري جي محنت سان ڪجهه مهينن لاءِ انهن جو وزيراعظم بڻجي سگهي ٿو ته هن ڀيري زرداري جي محنت سان وزيراعظم به جيالو هوندو ۽ وڏو وزير به جيالو هوندو،هن چيو ته اسان جو ڪو به سياسي مخالف ناهي، غربت ۽ مهانگائي مخالف آهي، اسان ان جو مقابلو ڪنداسين، عوام جي حڪومت اچڻ واري آهي، اشرافيه کي نه عوام کي فائدو ٿيندو هن چيو ته اڄ ٿر ۾ پاڪستان جون نظرون آهن،ٿر منهنجي منشور ۾ شامل آهي،مهانگائي ۽ بيروزگاري جي خلاف آهيان ۽ آئون هنن جو مقابلو ڪندس،هن چيو ته ٿر جي عوام ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته سڄو ملڪ کٽينداسين،منهنجي خاندان عوام لاءِ جانين جو نذرانو ڏنو آهي،آئون عوام جي حقن خاطر وڙهندس،ٿرڪول جي رُڳو بلاڪ ٽو مان 2 هزار ميگاواٽ بجلي ٺهي رهي آهي ۽ 20 هزار کان وڌيڪ مقامي ماڻهن کي روزگار مليو آهي، ٿر واسيو توهان جي حُڪومت جلدي اچي رهي آهي،اسان حڪومت ۾ ايندي هاري ڪارڊ جاري ڪنداسين،بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي لکين منهنجيون مائرون ۽ ڀينرون فائدو حاصل ڪن پيون،ايئن وڌيڪ ڪسان ڪارڊ به کڻي اينداسين،بلاول ڀُٽو زرداري چيو آهي ته جيڪي چاهين ٿا ته تحريڪ انصاف جو نقل ڪري اليڪشن کٽينداسين ته اسان چئلنج سان چئون ٿا ته انشاءُ الله 8 فيبروري تيرن جي برسات هوندي ۽ مخالف ڀڄي ويندا،گذريل پنج سالن کان عوام سليڪٽڊ حڪومت کي مُنهن ڏنو ۽ هاڻي اسان اهڙي ڪنهن به سليڪٽيڊ کي برداشت نه ڪنداسين،اگر ڪنهن کي ذهن ۾ آهي ته هُو دماغ مان هوا ڪڍي ڇڏين،ڪو به سليڪٽڊ قبول ناهي،جلسي کي اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاھ خطاب ڪندي چيو آهي ته اليڪشن مهم جي شروعات ٿر مان ڪري ڇڏي آهي،ٿر جي ماڻهن پيغام ڏئي ڇڏيو آهي ته ايندڙ وزيراعظم بلاول ڀُٽو زرداري ٿيندو، نثار احمد کهڙو چيو ته هتان جا ماڻهو ڪاري سون جا ڌڻي آهي،مخالف ڏسي وٺن ته رُڳو ٿر جي ماڻهن ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته اسان ايندڙ اليڪشن سوئيپ ڪري ويٺا آهيون، ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي خطاب ڪندي چيو ته ٿر جو عوام بينظير ڀُٽو جي لخت جگر بلاول سان پيار ڪري ٿو،ڀلاول صاحب ٿر جي ماڻهن توهان کي وزيراعظم چونڊي ڇڏيو آهي،اسان کي بي انتهاخوشي ٿي آهي ته اسان جو چيئرمين ديوالي ملهائڻ اسان وٽ آيو آهي،جلسي کي عاجز ڌامراھ، انجيئر گيانچند ٿاهراڻي، نندلال مالهي، فقير شيرمحمد بلالاڻي، غلام حيدر سميجو، ڪرشنا ڪولهي، ڪنور ڪرني سنگهھ، ڪملا ڀيل ۽ ٻين خطاب ڪيو،