پاڪستان ۾ چونڊ مقابلي کان وڌيڪ اقتدار حاصل ڪرڻ جي جدوجهد جي دلچسپ پر افسوسناڪ شروعات ٿي چڪي آهي. هڪ طرف تاحيات نااهل قرار ڏنل نواز شريف چوٿون ڀيرو وزيراعظم ٿيڻ جا خواب ڏسي پيو ۽ ميڊيا مهم ذريعي تاثر ڏيڻ جي ڪوشش پئي ٿئي ته جيڪڏهن نوازشريف نھ ھجي تھ ڪو بھ ملڪ کي غرق ٿيڻ کان بچائي نھ سگھندو.
ٻئي طرف پيپلز پارٽي جي رويي مان لڳي ٿو ته جيڪڏهن بلاول ڀٽو زرداري هن ڀيري وزيراعظم نه بڻجي سگهيو ته ملڪ ۽ قوم کي وڏو نقصان پهچندو.سياسي صورتحال جي روشنيءَ ۾ سمجهي سگهجي ٿو ته امڪاني چونڊن ۾ ڪنهن بھ پارٽيءَ کي اڪثريت حاصل نھ ملندي ۽ شايد ئي ڪو اهڙو بندوبست ملڪ ۽ قوم جي موجود ڳڻتي کي گهٽائي سگهي. خاص ڪري تحريڪ انصاف جي مقبوليت بابت درست اندازو ممڪن ناهي.عمران خان جي ذاتي مقبوليت جي بنياد تي پارٽيءَ جي سياسي طاقت بابت ڪيل اندازن تي يقين ڪرڻ ممڪن نه آهي. پر جيڪڏهن چونڊ عمل ۾ شفاف موقعو نه ڏنو ويو تھ هڪ نئين طوفان اٿڻ جي امڪان کي رد نٿو ڪري سگھجي.
9 مئي سانحي کانپوءِ تحريڪ انصاف کي سياسي طور ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. اهو عمل شايد فطري طور پارٽي اندر پاليسي اختلافن جي نتيجي ۾ سامھون آيو هجي پر ڪجهه هفتن اندر هڪ پارٽي اندران ٻن نين پارٽين جنم ورتو ۽ درجنين ماڻهن اهو محسوس ڪيو ته عمران خان جو ايڊونچر ملڪ دشمن آهي ۽ ھن کي وسيع قومي مفاد ۾ سپورٽ نٿو ڪري سگهجي. جن کي ان ۾ شڪ هو، تن کي يا ته چاليهه ڏينهن جو چلو ڪاٽڻو پيو يا پراسرار ڪردارن ھنن کي ڪنهن اهڙي جاءِ جو سير ڪرايو جو سڄي حقيقت مٿن پڌري ٿي پئي.واپسي تي اهي گھر وڃڻ بدران يا ته ٽيليويزن جي ٽاڪ شو ۾ پھتا يا وري پريس ڪانفرنس ذريعي قوم کي حقيقت ٻڌائڻ تي مجبور ٿيا.ٻئي پاسي چونڊن جي اعلان بعد گرفتارين ۾ تيزي اچي وئي آھي ۽ اھڙو ڪو اشارو موجود نھ آھي تھ تحريڪ انصاف سان همدردي رکندڙ لاءِ ڪنهن رعايت جو ڪو امڪان آھي.
ان صورتحال ۾ جيڪڏهن 9 مئي جي سانحي يا عمران خان جي غلطين جي ڪري به تحريڪ انصاف پنهنجي مقبوليت وڃائي ويٺي آهي تڏھن به ماڻهو ان ڳالهه تي يقين تڏھن ڪندا جڏھن عام چونڊن ۾ سموريون سياسي جماعتون هڪ ٻئي سامھون ھجن، سڀني کي ھڪجھڙي مهم جو حق هجي.
جيڪڏهن ڪنهن ھڪ پارٽيءَ جي ماڻهن کي نشانو بڻايو وڃي، ان جي اڳواڻ کي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ جيل ۾ وڌو وڃي ۽ اهو تاثر ملي ته هو ڊگهي سزا ڪاٽڻ کان پوءِ چونڊن لاءِ نااهل ٿي ويندو ته پوءِ اهڙيون چونڊون ڪيتريون بھ ”منصفاڻيون“ ڇو نھ ھجن. ان جي شفافيت تي اعتبار نه ڪيو ويندو.ان سان اھو شڪ يقين ۾ تبديل ٿي ويندو ته اسٽيبلشمينٽ، پنهنجي قائم ڪيل سياسي پارٽيءَ کان مايوس ٿي هاڻي ان کي ناس ڪري ۽ عمران خان کي منظر تان هٽائڻ جو پڪو پھھ ڪري چڪي آهي. اهڙي خواهش چاھي ’جائز‘ هجي، پر سياسي عمل، جمهوري روايتن ۾ ان جو نفاذ مسئلي مان نڪرڻ جي ڪوشش بدران نئين مشڪل ۾ ڦاسڻ برابر هوندو.
انهن حالتن ۾ تصوير جو هڪ پاسو ھي آھي تھ اسٽيبلشمينٽ معاملن کي درست سمجھي ۽ ھڪ متوازن ۽ آئيني طريقي سان رستو ڏئي. ملڪ جي تازن سياسي تجربن مان گهٽ ۾ گهٽ اهو سبق ته سکي سگهجي ٿو ته ڪنھن ليڊر کي شايد سياسي مقبوليت تائين پهچائي سگهجي ٿو، جيئن پھرين ميان نوازشريف کي لانچ ڪيو ويو ۽ پوءِ عمران خان کي سندس حريف بڻائي اقتدار ۾ آندو ويو. پر طاقتور حلقا ڪنهن مقبول ليڊر کي عوام جي نظرن کان هيٺ ڪيرائي نٿا سگهن، اھڙين حرڪتن سان ان ليڊر جي مقبوليت ۾ بھرحال اضافو ٿئي ٿو.
ڏٺو وڃي ته جڏهن اڳوڻو آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا عمران خان کي پنهنجي ڇٽي ۾آڻي اقتدار سنڀالي ڏيڻ جو بار کنيو ته نوازشريف جي ھڪ اعلان ئي سندس مقبوليت کي آسمان تي پهچائي ڇڏيو.محسوس ٿيو ته اھو ئي ليڊر طاقت جي مرڪز کي چيلينج ڪري سگهي ٿو. پر حالتن جي تبديليءَ کانپوءِ عمران خان جي مقبوليت مان جان ڇڏائڻ لاءِ نوازشريف کي مسيحا ثابت ڪرڻ جون ڪوششون شروع ٿيون آهن. ماڻهو محسوس ڪرڻ لڳا آهن ته عمران خان ئي سندن اصل ليڊر آهي، ڇاڪاڻ ته ھاڻي وري ھن طاقت جي مرڪز کي چيلينج ڪيو آهي.ان تجربي مان سبق ملي ٿو ته ماڻهو پنهنجي پسند ۽ ناپسند جو فيصلو ڪنهن لڪيل طاقت جي خوشنودي لاءِ ۽ قومي مفادن کي ماپڻ لاءِ نھ ڪندا آهن. اهي رڳو ڏسن ٿا ته ڪير سندن مفاد يا حق لاءِ ميدان ۾آھي.
پاڪستان ۾ جمهوري عمل ۽ آئيني طريقن خلاف اختيار ڪيل ناڪاري حڪمت عملي جي ڪري ماڻهو ان نتيجي تي پهتا آهن ته اقتدار جي مرڪزن کان ’غير مقبول‘ اڳواڻ ئي عوام جو حقيقي مسيحا ٿي سگهي ٿو. ماضيءَ ۾ مقبول اڳواڻن کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ عدالت کي استعمال ڪيو ويو، ان سان انصاف وارو نظام بھ اڻ ڌريون نھ رھيو. عوام ۾ اهو تاثر پختو ٿيندو پيو وڃي ته سندن اڳواڻن کي ”غير قانوني“ طور قيد ڪيو پيو وڃي ۽ کين انهن کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
ان تصوير جو ٻيو پاسو نواز شريف، آصف زرداري ۽ ٻين سياسي اڳواڻن جي روين سان لاڳاپيل آهي. ان گروپ ۾ شامل اڪثر سياسي اڳواڻن گڏيل طور تي عمران خان خلاف بي اعتمادي جي رٿ منظور ڪرائي ۽ اتحادي حڪومت ٺاهي. 16 مهينن جي حڪومت مسئلن جي حل لاءِ ڪي به قدم نٿي کڻي سگهي. شهباز حڪومت سان بھ ائين ئي ٿيو. سخت مالي مشڪل ۾ سموري ڪوشش قرض حاصل ڪرڻ تائين محدود رھي. هڪ غير مستحڪم سياسي نظام ۽ غيرفعال معيشت واري ملڪ کي قرض وٺڻ لاءِ عالمي ادارن ۽ دوست ملڪن جا اھڙا شرط قبول ڪرڻا پيا جو مالي مشڪل ۾ اضافو ٿيو. جيئن ته ڪنهن سياسي ليڊر ۾ عوام سان مالي ۽ معاشي حقيقتن تي پڌرو ڳالهائڻ جي جرئت ناهي، ان ڪري هنن پنهنجي مسئلن جو سمورو بار گذريل حڪومت يعني عمران خان ۽ تحريڪ انصاف تي وجھڻ جي ڪوشش ڪئي. اھڙي حالت ۾ سياسي اڳواڻن جو ڪو به بهانو يا وضاحت سمجهه ۾ نه ٿو اچي. عام شهري لاءِ اهو سمجهڻ مشڪل آهي ته حڪومت نه ته ان جي مسئلن جو ذميوار ٻيو ڪير ٿي سگهي ٿو؟ اهو رويو سياسي اڳواڻن پاران به قائم ڪيو ويو آهي. پهرين ڳالهه ته ملڪ جو تعليمي نظام عوام ۾ سياسي ۽ معاشي شعور نٿو اڀاري. ٻين مخالفن کي ذليل ڪرڻ لاءِ ھلڪو ڏيکارڻ جي چال سان عوام کي اھو محسوس ڪرايو ويو تھ اصل ڏوھي سياستدان ئي ھوندا آهن.
جيڪڏهن سمورا سياسي اڳواڻ صورتحال جي سنگينيءَ کي سمجهندي گڏيل اتفاق جو سلسلو جاري رکڻ چاھين ٿا تھ ان ڳالهه تي اتفاق ڪن ته بحران جي نوعيت مختلف هوندي آھي. پر 16 مهينا گڏ حڪومت ڪرڻ کان پوءِ پڳڙين لاھڻ جو شروع ڪيل سلسلو سياسي پارٽين جي ساک کي گهٽائي رهيو آهي. چيو وڃي ٿو ته سمورا سياسي اڳواڻ هڪ ميثاق تي تي راضي ٿي سگھن ٿا پر ھنن مان لالچ نٿي نڪري.انڪري مفاهمت جو ڪو به منصوبو سامهون نه اچي سگھيو آهي. جيڪڏهن مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي ٻين پارٽين سميت تحريڪ انصاف کي به قائل ڪن ته چونڊن کان اڳ اخلاقي ضابطي تي اتفاق ڪن. جيتوڻيڪ سمجھڻ سمجھائڻ جي ذميواري سڀني سياسي اڳواڻ تي لاڳو ٿئي ٿي پر عمران خان ۽ تحريڪ انصاف کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي. ان ڪري اھو ڪم نواز شريف ۽ آصف زرداري کي ڪرڻ گهرجي.اهي ٻئي اڳواڻ سياسي راھداري جي گرم ۽ سرد دور مان گذريا آهن ۽ ملڪ جي اعليٰ عهدن تي فائز بھ رهيا آهن.
اهي ٻئي جيڪڏهن اقتدار جي لالچ ۾ پنهنجي پنهنجي جاءِ تي طاقتور ڌرين جي پاسي چڪر ڏيڻ بدران سياسي اعتماد پيدا ڪرڻ لاءِ ڪجهه ڪرڻ چاهين ٿا ته پوءِ کين وزير اعظم جي عهدي لاءِ اميدوار بڻجڻ يا بڻائڻ بدران عمران خان کي آزاد ڪرائڻ لاءِ گڏجي مطالبو ڪرڻ گھرجي.
فيصلو ڪيو وڃي ته سياسي اڳواڻن خلاف ڪارروايون چونڊن کان پوءِ ٿينديون رھنديون. في الحال هر ڪنهن کي چونڊن مھم ھلائڻ جو موقعو ملڻ گهرجي ۽ پاڻ کي عوام آڏو پيش ڪرڻ جو موقعو ملڻ گھرجي. عمران خان جي حمايت ۾ بيهڻ جو مطلب ڪڏهن به اھو نھ ھوندو تھ ھن جا گناه معاف ڪيا وڃن يا ساڻس اقتدار ونڊڻ تي راضي ٿجي. پر ان طريقي سان سياسي اعتماد سازي جو ڪم آسان ٿي ويندو. ان سان عمران خان جي بدران نواز شريف ۽ آصف زرداري عمران خان جا قد وڏا ٿي ويندا. پر ڇا اھي ٻئي اڳواڻ ان حقيقت کي قبولڻ جي جرئت رکن ٿا ؟
جيڪڏهن اقتدار جي لالچ ۾ پنهنجي پنهنجي جاءِ تي طاقتور ڌرين جي پاسي چڪر ڏيڻ بدران سياسي اعتماد پيدا ڪرڻ لاءِ ڪجهه ڪرڻ چاهين ٿا ته پوءِ کين وزير اعظم جي عهدي لاءِ اميدوار بڻجڻ يا بڻائڻ بدران عمران خان کي آزاد ڪرائڻ لاءِ گڏجي مطالبو ڪرڻ گھرجي.