ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر ٽيم جي ڪم نه اچي سگهيس: اساما مير

ڪولڪتا (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ليگ اسپنر اساما مير چيو آهي ته ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر ميچن ۾ ڪاميابي نه ملي سگهي، سمجهه ۾ نه ٿو اچي ڪارڪردگي ڇو نه ڏيکاري سگهيس.

نجي ٽي وي چئنل سان گفتگو ڪندي اساما مير چيو ته ڪولڪتا ۾ گهروارن لاءِ شاپنگ ڪئي، فيملي لاءِ شاپنگ ڪرڻ سٺو لڳندو آهي.

هن چيو ته فرنٽ لائين اسپنر طور کيڏيس پر وڪيٽون نه وٺي سگهيس، مڃيا ٿو ته جيڪا اميد هئي ان تي پورو نه لهي سگهيس.

سندس چوڻ هو ته ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر ڪاميابي نه ملي سگهي، پريڪٽس م ٻيهر محنت ڪري رهيو آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.