ورلڊ ڪپ: انگلينڊ خلاف ميچ کان اڳ پاڪستان ٽيم لاءِ سٺي خبر

ڪولڪتا( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي آخري گروپ ميچ لاءِ پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم اڄ شام ڪولڪتا ۾ ٽريننگ شروع ڪندي.
قومي آل رائونڊر شاداب خان مڪمل فٽ ٿي ويو آهي جڏهن ته فاسٽ بالر حارث رئوف به ڀرپور ٽريننگ شروع ڪري ڇڏي آهي.
حارث رئوف کي پاسيرين ۾ تڪليف هئي جڏهن ته سندس اسڪين ڪليئر آيو هيو.
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم اڄ شام ڇهه وڳي ايڊن گارڊنز ڪولڪتا ۾ پريڪٽس ڪندي.
پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ميچ ڇنڇر جي ڏينهن شيڊيول آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.