چيف جسٽس پنهنجا ڪيترائي انتظامي اختيار رجسٽرار حوالي ڪري ڇڏيا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجا ڪيترائي انتظامي اختيار رجسٽرار حوالي ڪري ڇڏيا.
سپريم ڪورٽ جا ڪيترائي انتظاميا اختيار رجسٽرار کي ڏيڻ جي حوالي سان نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب سپريم ڪورٽ رجسٽرار پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي بابت معاملن ۾ مڪمل بااختيار هوندي.
نوٽيفڪيشن موجب پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي بابت معاملن تي رجسٽرار جو فيصلو فل ڪورٽ يا چيف جسٽس جي منظوري سان مشروط هوندو، آڊٽ ۽ محڪماڻي اڪائونٽس ڪميٽي بابت معاملا به رجسٽرار چيف جسٽس جي منظوري سان انجام ڏيندي.
ان کانسواءِ سپريم ڪورٽ جي سالياني بجيٽ پلان کي به رجسٽرار چيف جسٽس جي منظوري سان حتمي شڪل ڏيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.