چاهيان ٿو ڀارت جو پاڪستان سان سيمي فائنل ٿئي: سارو گنگولي

ڪولڪتا ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڀارتي ڪپتان سارو گنگولي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي سيمي فائنل ۾ کيڏڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي.

ڀارتي ٽي وي جي هڪ پروگرام ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي سارو گنگولي چيو مان چاهيان ٿو ته پاڪستان سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري، پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ سيمي فائنل کان وڏي ڪائي ميچ هوندي.

هن چيو ته ڀارتي ٽيم جيتوڻيڪ ورلڊ ڪپ ۾ شاندار راند کيڏي رهي پر جيڪڏهن بليو شرٽس عالمي ڪپ نه کٽيو ته حيران نه ٿيندس.

اڳوڻي ڪپتان وڌيڪ چيو ته راند ۾ ڪجهه به ممڪن آهي، ڀارتي ٽيم جي ڪارڪردگي ايترو تيزي سان نه ڪِرندي.

هن اِهو به چيو ته ڀارتي ٽيم پوري عالمي ڪپ ۾ تمام شاندار ڪرڪيٽ کيڏي آهي، ڀارتي ٽيم اهڙي طرح راند جاري رکندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.