ملير جيل ۾ قيد 80 ڀارتي مهاڻا آزاد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ملير جيل ۾ قيد 80 ڀارتي مهاڻن کي آزاد ڪيو ويو.
ذريعن موجب ڀارتي مهاڻن کي سخت سيڪيورٽي ۾ ڪينٽ اسٽيشن پهچايو ويو، جتان کين علامه اقبال ايڪسپريس ذريعي لاهور روانو ڪيو ويندو ۽ پوءِ واهگا بارڊر موڪليو ويندو.
ايڌي فائونڊيشن موجب ڀارتي مهاڻن جا سفري خرچ اسان برداشت ڪري رهيا آهيون، ايڌي فائونڊيشن طرفان ڀارتي مهاڻن کي رقم، ڪپڙا ۽ ضروري سامان به ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.