ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر، هڪ ئي خاندان جا 7 ڀاتي فوت

لوڌران (ويب ڊيسڪ) لوڌران ۾ تيز رفتار ٽرالر جي رڪشا کي ٽڪر ۾ زال مڙس ۽ ٻارن سميت هڪ ئي خاندان جا 7 ڀارتي فوت ٿي ويا.
پوليس موجب حادثو لوڌران ۾ چڪ نمبر 100 ايم ڀرسان پيش آيو، حادثي ۾ ٻه ڄڻا زخمي پڻ ٿيا آهن.
پوليس ٻڌايو ته لاشن ۽ زخمين کي ويجهي اسپتال نيو ويو، سڀني فوتين جو واسطو هڪ ئي خاندان سان آهي.
پوليس موجب ٽرالر کي قبضي ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪيو ويو آهي، شروعاتي جاچ موجب تيز رفتار ٽرالر اوور ٽيڪ ڪندي رڪشا کي ٽڪر هنيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.