ڪانگو وائرس ڪراچي به پهچي ويو، هڪ مريض جي تصديق

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ هڪ شخص ۾ ڪانگو وائرس جي تصديق ٿي وئي.
صحت کاتي جي ذريعن موجب ڪانگو وائرس سان متاثر شخص جي حالت خطري کان ٻاهر آهي.
صحت کاتي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته هلندڙ سال سنڌ ۾ ڪانگو وائرس سان 4 ڄڻا متاثر ٿيا آهن.
واضح رهي ته ڪوئيٽا جي سول اسپتال جي ڊاڪٽرن ۾ به ڪانگو وائرس جي تصديق ٿي هئي، جنهن کانپوءِ سنڌ جي صحت کاتي هدايتون جاري ڪيون، جنهن ۾ صوبي جي سڀني اسپتالن کي وائرس کان بچاءَ لاءِ حفاظتي قدم يقيني بڻائڻ جو چيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.