مشهور ڀارتي اداڪارا محمد شامي کي شادي جي آڇ ڪري ڇڏي

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارتي ٽيم لاءِ شاندار ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪندڙ فاسٽ بالر محمد شامي کي اداڪارا پائل گهوش هڪ شرط رکندي شاديءَ جي آڇ ڪري ڇڏي.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي ٽوئيٽ ڪندي مشهور اداڪارا ۽ سياسي جماعت ۾ وومين ونگ جي نائب صدر پائل گهوش مسلمان ڀارتي فاسٽ بالر محمد شامي کي ٽيگ ڪندي چيو ته اوهان پنهنجي انگريزي سڌاريو ته مان شادي ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.

سال 2014ع ۾ محمد شامي ماڊل حسين جهان سان شادي ڪئي هئي پر مارچ 2018ع ۾ سندس گهرواري ساهرن ۽ مٿس مٿان تشدد جو الزام مڙهيندي چيو هو ته شامي کيس مارڻ جي ڪوشش ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.