افغان ڀائرن سان عزت سان پيش اچو: اي اين پي

مالا ڪنڊ (ويب ڊيسڪ) عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ ايمل ولي خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ قانوني طور رهندڙ افغانين کي تنگ نه ڪيو وڃي.
مالا ڪنڊ ۾ جلسي سان خطاب ڪندي ايمل ولي خان چيو اسان مڃون ٿا ته غير قانوني رهائش قبول ناهي پر افغان شهرين جو معاملو مختلف آهي.
هن درخواست ڪئي ته افغان ڀائرن سان عزت سان پيش اچو، اهڙي پاليسي ٺاهيو، جنهن سان افغاني عزت سان رهي سگهن.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته 8 فيبروري تي پختون عوام نڪرندو ۽ پنهنجي مستقبل کي ترجيح ڏيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.