واٽس ايپ ۾ سيڪيورٽي بابت نئون فيچر شامل

واٽس ايپ ۾ هڪ نئين فيچر جي واڌ ڪئي وئي آهي جيڪو واهپيدارن جي پرائيويسي کي وڌيڪ محفوظ بڻائيندو.
واضح رهي ته واٽس ايپ ۾ اڳ ئي ميسيجز کي اينڊ ٽو اينڊ انڪرپشن جو تحفظ حاصل آهي.
هاڻي واٽس ايپ ۾ ڪالز جي سيڪيورٽي کي بهتر بڻايو پيو وڃي.
ميٽا اعلان ڪيو آهي ته اينڊرائڊ ۽ آءِ او ايس واهپيدار واٽس ايپ ڪالز دوران آءِ پي ايڊريس کي لڪائي سگھندا.
ان فيچر تحت واهپيدارن جي ڪال واٽس ايپ سروسز ذريعي ڪئي ويندي.
ان فيچر کي ان ايبل ڪرڻ تي ٻين ماڻهن لاءِ اوهان جي لوڪيشن بابت ڄاڻڻ گھڻو ڏکيو ٿي ويندو.
جيتوڻيڪ ان فيچر جو استعمال ڪرڻ سان ڪالز کي وڌيڪ تحفظ ملي سگھندو پر ڪال ڪوالٽي ڪنهن حد تائين متاثر ٿيندي.
ان سان گڏوگڏ واٽس ايپ ۾ اڻڄاتل نمبرن کان ايندڙ ڪالز کي ميوٽ ڪرڻ جو فيچر به متعارف ڪرايو ويو آهي.
ڪمپني موجب ان فيچر سان واهپيدار پنهنجي ڊيٽا کي سائبر حملن کان تحفظ فراهم ڪري سگھندا.
آءِ پي ايڊريس کي لڪائيندڙ فيچر ڪيئن استعمال ڪجي؟
اهو فيچر آپشنل آهي يعني واهيپدارن کي پاڻ ان کي ان ايبل ڪرڻو پوندو.
ان فيچر کي استعمال ڪرڻ لاءِ واٽس ايپ اوپن ڪري سيٽنگز ۾ وڃو.
سيٽنگز ۾ پرائيويسي جي سيڪشن ۾ ايڊوانسڊ آپشن کي سليڪٽ ڪريو.
اتي پروٽيڪٽ آءِ پي ايڊريس ان ڪالز جي آپشن تي ڪلڪ ڪري ان کي ان ايبل ڪري ڇڏيو.
جيئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته ان فيچر جي استعمال سان ڪال جو معيار ڪنهن حد تائين متاثر ٿي سگھي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.