اداڪارا سارا علي خان شُڀمَن گِل سان رومانوي لاڳاپن بابت خاموشي ٽوڙي ڇڏي

بالي ووڊ جي ننڍي نواب سيف علي خان ۽ سينيئر اداڪارا امريتا سنگهه جي ڌيءَ اداڪارا سارا علي خان ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپننگ بيٽر شُڀمَن گِل سان رومانوي لاڳاپن وارين خبرن کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيون.

سوشل ميڊيا جي هن دور ۾ مشهور شخصيتن جي پروفيشنل زندگيءَ کان ويندي سندن نجي زندگي پڻ اهميت اختيار ڪري وئي آهي، انٽرنيٽ تائين عام ماڻهو جي پهچ ان سلسلي کي وڌيڪ ڊيگهه ڏئي ڇڏي آهي ۽ سيليبرٽيز جي هر چر پر تي نظر رکي پئي وڃي.

ويجهڙ ۾ سارا علي خان ۽ اداڪارا اننيا پانڊي ڀارتي شو ” ڪافي ود ڪرن “ جي اٺين سيزن جون مهمان بڻيون جنهن جو پرومو سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهيو آهي.

ان ٽيزر ۾ سارا علي خان شُڀمَن گِل سان ڊيٽنگ ۽ لاڳاپن وارين افواهن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

پروگرام جي ميزبان ڪرن جوهر شو دوران شُڀمَن گِل سان ڊيٽنگ بابت افواهن تي سوال ڪيو جنهن تي سارا چيو ته سڄي دنيا سارا جي پويان پئجي وئي اهي، پر مان اُها سارا نه آهيان، اوهان غلط سمجهي رهيا آهيو.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Disney+ Hotstar (@disneyplushotstar)

واضح رهي ته ڪافي عرصي کان ڀارتي ميڊيا سميت سوشل ميڊيا تي افواهه گردش هيٺ آهن ته شُڀمَن گِل ۽ ڀارت جي اڳوڻي ليجنڊري ڪرڪيٽر سچن ٽنڊولڪر جي نياڻي سارا ٽنڊولڪر هڪٻئي کي ڊيٽ ڪري رهيا آهن.

ان ڏس ۾ ٻنهي پاران اڃا تائين ڪنهن به قسم جي تصديق يا ترديد ناهي ڪئي وئي.

سوشل ميڊيا تي ڪيئي پرستار اِهو سمجهي رهيا آهن ته شُڀمَن گِل ۽ اداڪارا سارا علي خان هڪٻئي کي ڊيٽ ڪري رهيا آهن پر ائين نه آهي  ۽ ان حوالي سان شُڀمَن گِل پاڻ به اهڙي قسم جي خبرن جي تريد ڪري چڪو آهي.

ها پر سارا ٽنڊولڪر ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪيترن ئي ميچن ۾ اسٽيڊيم ۾ شُڀمَن گِل کي سپورٽ ڪندي ڏٺو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.