فرح گوگي جي ڪرپشن جي ڇرڪائيندڙ ڪهاڻي سامهون اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين جي فرنٽ پرسن طور ڪم ڪندڙ فرح گوگي جي ڪرپشن جي ڇرڪائيندڙ ڪهاڻي سامهون اچي وئي.
تفصيلن موجب تحريڪ انصاف چيئرمين جي فرنٽ پرسن فرحت شهزادي جي اثاثن ۾ 2017 کان 2020 تائين 4520 ملين رپين جي حيران ڪندڙ واڌ ٿي، فرح گوگي 2020 ۾ 950 ملين رپين جي اثاثن کي پاڻ تسليم ڪري ٿي، جڏهن ته ان جا ظاهر نه ڪيل ملڪيتي اثاثا 3825 ملين رپيا آهن.
ايس اي سي پي رڪارڊ موجب 3 سالن ۾ فرح گوگي جي ظاهري اثاثن ۾ 420 سيڪڙو ۽ غير ظاهري اثاثن ۾ 15300 سيڪڙو واڌ ٿي، اهي اثاثا فرح گوگي جي ذاتي ملڪيت آهن، جڏهن ته احسن جميل ۽ ٻين مائٽن جا اثاثا الڳ آهن.
ايس اي سي پي رڪارڊ موجب فرح گوگي 8 ڪمپنين ۾ حصيدار آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين جي مدد سان فرح گوگي 2018 ۾ ايمنسٽي اسڪيم جو به فائدو کنيو، 489 ملين رپين کان وڌيڪ ڪارو ناڻو پوسٽنگ، ٽرانسفر، سرڪاري ٺيڪن جي مد ۾ ريگيولرائز ڪرايو ويو.
فرح گوگي ۽ سندس مڙس برطانيا ۾ هڪ ڪمپني ۾ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪندا رهيا، پهرين فيبروري 2022 ۾ اها ڪمپني ختم ڪئي وئي، 11 فيبروري 2022 ۾ ٻي ڪمپني قائم ڪئي وئي.
فرح گوگي جي پاڪستان ۾ موجود بئنڪ اڪائونٽن جي انگ ۾ 2019 کان 2021 تائين مسلسل واڌ ڏٺي وئي، 426 ملين رپين جو سرمايو رڳو هڪ اڪائونٽ ۾ 2018 کان 2022 تائين 47 ٽرانزيڪشن ذريعي آيو.
فرح گوگي، احسن جميل گجر ۽ سندن پارٽنرز جا سڄي ملڪ ۾ 102 بئنڪ اڪائونٽ سامهون آيا آهن، فرح گوگي جي اثاثن جي ماليت ساڍا 14 ارب رپيا آهي، اهو ان پئسي جو حصو آهي، جيڪو فرنٽ پرسن طور ورتو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.