آسٽريلوي وومينز ٽيم جي ڪامياب ترين ڪپتان عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائر

آسٽريليا وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ميگ ليننگ عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿي وئي.
ميگ ليننگ 13 سال اڳ پنهنجو انٽرنيشنل ڊيبيو ڪيو هو ۽ هوءَ آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽي جي ڪامياب ترين ليڊر طور رٽائر ٿي آهي.
31 سالا ميگ ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ ورلڊ ڪپ کٽيندڙ ڪپتان آهي.
هن 241 عالمي مقابلن ۾ آسٽريليا جي نمائندگي ڪئي.
ميگ ليننگ جو چوڻ آهي ته رٽائرمينٽ جو فيصلو ڏکيو ضرور هيو پر ڪرڪيٽ کان ڌار ٿيڻ جو هي بهترين وقت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.