غير قانوني پرڏيهين جي واپسي، ڊي سي ڏکڻ واپارين کي اهم هدايتون جاري ڪري ڇڏيون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ضلعي ڏکڻ جي ڊي سي جي هدايت تي غير قانوني پرڏيهين جي واپسي جي معاملي تي اهم اجلاس ٿيو.
ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ ڪراچي ڪيپٽن (ر) الطاف حسين ساريو جي هدايت تي اسسٽنٽ ڪمشنر گارڊن، اسسٽنٽ ڪمشنر آرام باغ ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر صدر سميت واپاري تنظيمن جي سربراهن، پوليس، رينجرز ۽ اسپيشل برانچ جي نمائندن غير قانوني رهندڙ پرڏيهين کي وطن واپسي بابت گڏيل اجلاس جي صدارت ڪئي.
اجلاس ۾ سمورن واپارين کي هدايت ڪئي وئي ته هو 10 نومبر 2023ع تائين لاڳاپيل مارڪيٽن ۾ غير قانوني پرڏيهين جي شامل نه هجڻ جا سرٽيفڪيٽ جمع ڪرائڻ جا پابند آهن.
اجلاس ڊپٽي ڪمشنر ڪامپليڪس ايم اي جناح روڊ ڏکڻ ڪراچي جي ڪانفرنس روم ۾ ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.