ڏکڻ آفريڪا کي غزا ۾ بمباري تي ڳڻتي، اسرائيل مان سفيرن کي واپس گهرائي ورتو

ڪيپ ٽائون ( ويب ڊيسڪ ) غزا تي جارحيت جو سلسلو برقرار رکڻ تي ڏکڻ آفريڪا اسرائيل مان پنهنجي سفارتي عملي کي واپس گهرائي ورتو.

ڏکڻ آفريڪي حڪومت طرفان اعلان ڪيو ويو آهي ته غزا جي صورتحال سبب هو پنهنجي سمورن سفيرن کي اسرائيل مان واپس گهرائي رهيا آهن.

صدارتي آفيس لاءِ حڪومت وزير نتيشوهاني موجب، اسرائيل ۾ موجود سموري سفارتي عملي کي مشاورت لاءِ واپس گهرايو پيو وڃي.

ٻئي پاسي ڏکڻ آفريڪا جي پرڏيهي وزير ناليڊي پئنڊور چيو ته اسان کي غزا ۾ معصوم ٻارن ۽ شهرين جي شهادتن تي تمام گهڻي ڳڻتي آهي ۽ اسان جو خيال آهي ته اسرائيلي رويو اجتماعي سزا ڏيڻ جي برابر آهي.

هن چيو ته اسان کي لڳي ٿو ته ان معاملي تي ڏکڻ آفريڪا جي ڳڻتيءَ کي ظاهر ڪرڻ ضروري آهي.

ڏکڻ آفريڪي پرڏيهي وزير غزا ۾ فوري جنگبندي جو به مطالبو ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.