آمريڪا جي ايٽمي آبدوز وچ اوڀر پهچڻ واري!

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي فوج جي سينٽرل ڪمانڊ سينٽ ڪام جو چوڻ آهي ته آمريڪا جوهري آبدوز وچ اوڀر اُماڻي ڇڏي آهي.

سينٽ ڪام وچ اوڀر لاءِ اوهائيو ڪلاس جوهري آبدوز جي پهچڻ جو اعلان ڪيو آهي.

آمريڪا پهريان ئي ٻه سامونڊي جهاز وچ اوڀر موڪلي چڪو آهي.

اسرائيلي اخبار موجب، آمريڪا وٽ ويهه ايٽمي آبدوز آهن جن مان چار آمريڪي ايٽمي آبدوز ٽام هاڪ ميزائل لانچ ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿيون جڏهن ته آمريڪا جي 14 ايٽمي آبدوز ذريعي بيلسٽِڪ ميزائل فائر ڪري سگهجن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.