آمريڪا، ايران سان جنگ نه ٿو چاهي: انٽوني بلنڪن

استنبول ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن چيو آهي ته آمريڪا ايران سان جنگ نه ٿو چاهي ۽ پنهنجي فوجين تي حملا برداشت نه ڪندا.

پرڏيهي خابرو اداري موجب، ايران جي اتحادي عراقي مليشيا شام ۾ آمريڪي اڏي تي ڊرون ۽ عراق ۾ الاسد اڏي تي مارٽر ذريعي حملن جي ذميواري قبول ڪئي آهي.

ٻئي پاسي آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن عراق کانپوءِ ترڪيه پهچي ويو آهي.

ان موقعي تي آمريڪا ۽ شام جي فوجي اڏن کي نشانو بڻائڻ تي ردعمل جو اظهار ڪندي آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته آمريڪا ايران سان جنگ نه ٿو چاهي، پنهنجي فوجين تي حملا برداشت نه ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.