سنڌ هاءِ ڪورٽ جو ٽائونز ۽ يوسين کي فوري طور بجيٽ ۽ مالي اختيار ڏيڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ٽائونز ۽ يوسين کي فوري طور بجيٽ ۽ مالي اختيار ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي قائم مقام چيف جسٽس عقيل عباسي مڪاني ادارن کي با اختيار بڻائڻ بابت جماعت اسلامي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ عدالت ٽائونز ۽ يوسين کي فوري طور بجيٽ ۽ مالي اختيار ڏيڻ جو حڪم ڏنو.
عدالت سوال ڪيو ته ڪهڙيون چونڊون رهجي ويون؟ اهو پراسيس مڪمل ڇو نه پيو ٿئي؟
عدالت چيو ته لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ موجب ٽائونز ۽ يوسين کي فوري طور مالي اختيار ڏنا وڃن، يوسين جي ملازمن کي ذميواريون ڏيڻ جو عمل به فوري طور مڪمل ڪيو.
پوءِ عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.