غلط ڪم، حريم شاهه وڏي ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو!

مشهور ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه اعتراف ڪيو آهي ته کيس پنهنجي زندگي ۾ ڪيترائي ڀيرا جنسي طور هراسان ڪيو ويو آهي.
حريم شاهه تازو هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ شريڪ ٿي، جنهن دوران ميزبان کانئس مختلف موضوعن تي سوال ڪيا.
جنسي هراسگي بابت سوال تي حريم شاهه انڪشاف ڪيو ته ڪيترائي ڀيرا جنسي طور هراسگي جو شڪار ٿي چڪي آهيان پر مان جواب ۾ انهن ماڻهن جو ايترو نقصان ڪيو جو انهن کي اندازو ئي ناهي ۽ انهن کي سمجهه ۾ ئي نه آيو ته هيءَ ڇوڪري ڪيئن آئي ۽ ڇا ڪري هلي وئي.
هن چيو ته جيڪو ٿي ويو سو ٿي ويو، مان پنهنجي ڪنهن به ڪم تي افسوس ناهيان ڪندي، جڏهن ته مشهور سياسي شخصيتن سان جيڪو ڪجهه ڪيو، اهو پئسي يا شهرت لاءِ نه پر پاڪستاني عوام لاءِ ڪيو ته جيئن مان اهڙن ماڻهن بابت عوام کي واضح ڪري سگهان.
پئسن سان گڏ وائرل وڊيو ۽ پوءِ مني لانڊرنگ تي ڳالهائيندي حريم شاهه چيو ته اهي پئسا ڪنهن ٻئي جا هئا پر مان اهو انڪشاف ضرور ڪنديس ته پاڪستان ۾ ايف آءِ اي جا ادارا پاڻ مني لانڊرنگ ۾ ملوث آهن، مان پاڻ به مني لانڊرنگ ۾ ملوث رهي چڪي آهي.
سندس چوڻ هو مان ڄاڻان ٿي ته اهو ڪم غلط آهي پر مقبول شخصيتون ٻين کان اهو ڪم ڪرائينديون آهن، ٿي سگهي ٿو هاڻ اهو سلسلو بند ٿي ويو هجي پر ڪيترائي ماڻهو پاڪستان مان پئسو ٻاهر کڻي ويندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.