بس گهڻو ٿيو! گڏيل قومن سميت 18 عالمي تنظيمن پاران فلسطين ۾ فوري جنگبندي جو مطالبو

گڏيل قومن جي ماتحت تنظيمن سميت 18 عالمي تنظيمن فلسطين ۾ فوري جنگبندي جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب، گڏيل قومن کانسواءِ ٻين انساني حقن جي 18 عالمي تنظيمن جي سربراهن هڪ گڏيل پڌرائي جاري ڪئي جنهن ۾ انساني بنيادن تي فلسطين ۽ اسرائيل وچ ۾ فوري جنگبندي جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

انٽر ايجنسي اسٽينڊنگ ڪميٽي طرفان جاري ڪيل پڌرائي تي 18 تنظيمن جي سربراهن صحيحون ڪيون جنهن ۾ چيو ويو آهي ته گهڻو ٿيو هاڻي ان کي هر صورت ۾ روڪڻ گهرجي.

گڏيل پڌرائي ۾ ست آڪٽوبر تي حماس جي اسرائيل تي حملي کي به رد ڪيو ويو آهي.

گڏيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته غزا ۾ اسرائيل طرفان عام شهرين جو قتل سفاڪيت آهي، اسرائيلي حملي جي نتيجي ۾ ٻه ڏهائي ٻه ملين فلسطيني ڦاٿل آهن جتي خوراڪ، پاڻي، دوائن، بجلي ۽ ٻارڻ جهڙيون بنيادي شيون به نه آهن، گهرن، پناهه گاهن، عبادت گاهن ۽ اسپتالن تي بمباري ڪئي پئي وڃي جيڪا ناقابلِ قبول آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.