غزا تي اسرائيلي جارحيت کي هڪ مهيني کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي ۽ سموري دنيا جا ماڻهو اتان جي اَپ ڊيٽس حاصل ڪرڻ لاءِ روايتي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا نيٽ ورڪس جو رخ ڪري رهيا آهن.
پر ڪنهن به سوشل ميڊيا نيٽ ورڪ جي ابتڙ اسنيپ چيٽ جي هڪ سروس غزا جي صورتحال ۽ اتان جي ماڻهن جي حقيقي ڏکيائين جي جهلڪ پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي آهي.
غزا ۾ اسرائيلي جارحيت دوران صحافين کي به نشانو بڻايو ويو آهي ۽ گهٽ ۾ گهٽ ٽيهه کان وڌيڪ صحافي فرضن جي ادائيگي دوران شهيد ٿي چڪا آهن، جڏهن ته سندن ساٿي ڪوريج لاءِ سهولتن جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن.
I’m begging you guys to please PLEASE check snap maps. Look at the difference between the living conditions just a few miles away. The people of Gaza are posting these publicly for us to see and share. Please listen to them. These are all from today. You can check yourselves pic.twitter.com/L7LWjigk5t
— 𝓜 ❀ ◓ (@uchihassasusaku) October 29, 2023
اِهو ئي سب بآهي جو ٽِڪ ٽاڪ ۽ ايڪس جهڙن سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي غزا جي صورتحال ڄاڻڻ لاءِ اسنيپ چيٽ جي استعمال جو مشورو ڏنو پيو وڃي.
ڊيسڪ ٽاپ ڪمپيوٽرز تي اسنيپ ميپ جو استعمال ڪرڻ لاءِ اسنيپ چيٽ اڪائونٽ جي ضرورت ناهي ۽ ان ذريعي ذغزا جي ڪيئي متاثر حصن جون جهلڪيون ڏسي سگهجن ٿيون.
اسنيپ چيٽ تسليم ڪيو آهي ته اسرائيل طرفان غزا تي حملن کانپوءِ سندس پليٽ فارم کي استعمال ڪرڻ جي شرح ۾ اضافو ٿيو آهي.
غزا جي رهواسين طرفان هن سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي اسرائيلي بمباري، تباهي ۽ ٻين ڏکيائين کي دنيا سان شيئر ڪيو ويندو آهي.
2017ع ۾ متعارف ڪرايل اِهو ٽول گوگل يا ايپل ميپس کان مختلف آهي ڇو ته ان ۾ رئيل ٽائيم وڊيوز ڏسڻ ممڪن آهي.
ياد رهي ته گوگل ۽ ايپل پنهنجي ميپس سروسز کي غزا ۽ اسرائيل ۾ محدود ڪري ڇڏيو آهي ۽ لائيو ٽريفڪ اَپ ڊيٽ ڏسڻ ممڪن ناهي.
پر اسنيپ چيٽ پنهنجي هيٽ ميپ سروس کي برقرار رکيو آهي ته جيئن واهپيدار غزا جي صورتحال کي دنيا سان شيئر ڪري سگهن.
ڪمپني موجب، اهڙي مواد تي نظر رکي ويندي آهي جيڪو ورغلائيندڙ يا تشدد تي ٻڌل هوندو آهي.
اِهو ئي سبب آهي جو هي پليٽ فارم خبرون حاصل ڪرڻ جو هڪ با اعتماد ذريعو بڻجي ويو آهي ڇو جو اتي مواد کي ڇنڊ ڇاڻ کانپوءِ ئي پليٽ فارم تي اَپ لوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي آهي.
ماهرن موجب، اسنيپ چيٽ جو ڪردار واضح آهي ۽ عالمي ايونٽ جو مشاهدو ۽ سندن رپورٽنگ لاءِ ڪيئن ڪم ڪرڻ گهرجي.