بدانتظامي ۽ لاپرواهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ٽن ججن کي هٽائي ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان گھوٽڪي، عمرڪوٽ ۽ نوشهروفيروز جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ۽ 2 سول ججن کي معطل ڪيو ويو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس بدانتظامي ۽ نااھلي جي بنياد تي ٽن ججن کي عھدن تان ھٽائي رپورٽ ڪرڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي آهي، نوشهروفيروز جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج نزاڪت علي ٽانوري، عمر ڪوٽ جي تعلقي ڪنري جي سول جج زاھد حسين مغيري ۽ اوٻاوڙو جي سول جج زاھد مستوئي کي عھدن تان ھٽايو ويو آھي، معطل ڪيل ٽنھي ججن کي ھيڊ ڪوارٽر رپورٽ ڪرڻ جي ھدايت پڻ ڪئي وئي آهي، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته معطلي دوران ٽئي ججز پگھارون ۽ الائونس کڻندا رھندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.