ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسثس امجد علي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ گم ڄاڻايل ڇوڪرين مريم ناز ۽ سميرا جي اغوا بابت ٻڌڻي ٿي، ٻنهي نارين کي پيش ڪيو ويو، عدالت ۾ مريم نواز ۽ سميرا بيان ڏيندي چيو ته ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو، اسان پسند جي شادي ڪئي آهي، اغوا جو ڪوڙو ڪيس آهي، عدالت پوليس کي هدايت ڪئي ته ٻنهي ڇوڪرين جو بيان قلم بند ڪري تحفظ ڏنو وڃي.