افغانين جي واپسي ۾ خلل وجهڻ جو منصوبو، وڏا انڪشاف سامهون اچي ويا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) غير قانوني طور پاڪستان ۾ رهندڙ پرڏيهين جي واپسي جي عمل ۾ رنڊڪ وجهڻ جو ڪِريل منصوبو وائکو ٿي ويو.
ذريعن موجب هڪ لک 26 هزار کان وڌيڪ افغان شهري واپس وڃي چڪا آهن ۽ هاڻ ملڪ دشمن قوتون واپسي جي عمل ۾ رنڊڪ وجهڻ لاءِ متحرڪ ٿي ويون آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته افغان شهرين جي ڪئمپن يا انهن جي چرپر دوران شرپسندي جو منصوبو جوڙيو ويو آهي، شرپسند عنصرن کي سيڪيورٽي اهلڪارن جون افغان شهرين سان تصويرون ۽ وڊيوز ٺاهڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي، انهن ۾ خاص طور تي عورتن ۽ ٻارن جون تصويرون ۽ وڊيوز شامل ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ويون آهن، جن کي پاڪستان خلاف پروپئگنڊا طور استعمال ڪري سگهجي ٿو.
ذريعن موجب چمن ۽ اسپن بولدڪ ۾ پرتشدد احتجاجي مظاهرن سان ڏڦيڙ پکيڙڻ جو منصوبو به جوڙيو ويو آهي، منصوبي تحت پاڪستاني سائيڊ تي ڪراسنگ پوائنٽ تي افغان شهرين تي فائرنگ جو منصوبو به جوڙيو ويو آهي ته جيئن ڏڦيڙ پکڙجي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ان ڪِريل منصوبي جو مقصد غير قانوني پرڏيهين جي واپسي ۾ رنڊڪ وجهڻ ۽ پاڪستان ۽ افغانستان ۾ ڇڪتاڻ وڌائڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.