پرسنل ڊيٽا ڪيئن چوري ڪيو ويندو آهي؟

اسان جي آڱوٺي جو نشان دستاويزي اعتبار سان گھڻي اهميت رکي ٿو، جنهن کي دوکيباز مافيا مختلف بهانن سان حاصل ڪري اسان کي نقصان پهچائي سگھن ٿا.
ان حوالي سان هڪ خانگي ٽي وي چينل جي شو ۾ ڳالهائيندي ماهرن ان قسم جي دوکيبازي کان بچڻ لاءِ ڪجهه احتياطي تدبيرون بيان ڪيون.
هنن ٻڌايو ته گھڻو ڪري ڏٺو ويندو آهي ته بازارن ۾ ڪجهه ماڻهو ڪنڊ ۾ ويهي سمن عيوض اوهان جو سڃاڻپ ڪارڊ نمبر يا آڱوٺي جو نشان وٺندا آهن جيڪو نقصانڪار آهي.
اهڙا ماڻهو اوهان جي سڃاڻپ حاصل ڪري ان سان مالي طور تي نقصان پهچائي سگھن ٿا، ڇو جو اوهان جي آڱوٺي جي نشان سان انهن کي اوهان جا سمورا ذاتي تفصيل ملي ويندا، تنهنڪري احتياط ڪريو ۽ ان قسم جي فراڊ کان بچڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.