ورلڊ ڪپ: پاڪستانين جون دعائون اگهامي ويون، ڏکڻ آفريڪا جي نيوزيلينڊ کي مات

پوني( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ جي 32 هين ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا نيوزيلينڊ کي رنسن 190  جي وڏي  مارجن تان هارائي پاڪستان جي سيمي فائنل ۾ پهچڻ جون اميدون بحال ڪري ڇڏيون آهن.

نيوزيلينڊ ڏکڻ آفريڪا جي 358 رنسن جي ٽارگيٽ جي جواب ۾ 34 هين اوور ۾ 167 رنسن تي ڍير ٿي وئي.

گلين فلپس 60 رنسون ٺاهي نمايان رهيو، ٻين رانديگرن ۾ وِل ينگ 33 ۽  ڊيرل مچل 24  ۽ رنسون ٺاهيون.

ڏکڻ آفريڪا جي ڪيشوَ مهاراج چار، گيرلڊ ڪوئٽزي ٻه، مارڪو جنيسن ٽي، ڪاگيسو رباڊا، هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

ان کان اڳ پوني ۾ کيڏيل ميچ ۾ نيوزيلينڊ ٽاس کٽي پهريان ڏکڻ آفريڪا کي بيٽنگ جي دعوت ڏني.

ڏکڻ آفريڪا پهريان کيڏندي مقرر 50 اوورن ۾ چئن وڪيٽن جي نقصان تي 357 رنسون ٺاهيو، وين ڊر ڊوسن 133 رنسون ٺاهي نمايان رهيو جڏهن ته ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ 114 رنسن جي اننگز کيڏي، اِها سندس هلندڙ  ورلڊ ۾ چوٿين سينچري آهي.

ڊيوڊ ملر ٽيهه بالن تي شاندار 53 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، ان کانسواءِ هينرڪ ڪلاسن ستن بالن تي 15 ۽ ايڊن مارڪرم ڇهه رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.

نيوزيلينڊ طرفان ٽِم سائوٿي ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون جڏهن ته ٽرينٽ بولٽ ۽ جيمي نيشام هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي.

شاندار بيٽنگ تي رسي وين ڊر ڊوسن کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

پاڪستان سيمي فائنل ڪيئن کيڏي سگهي ٿو؟

ڏکڻ آفريڪا هٿان نيوزيلينڊ جي شڪست پاڪستان جي سيمي فائنل ۾ پهچڻ اميدون جڳائي ڇڏيون آهن پر رڳو هن ميچ جو نتيجو ڪافي نه آهي، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي وڌيڪ ميچن ۾ به ٻين تي ڀاڙڻو پوندو.

جيڪڏهن پوائنٽس ٽيبل تي نظر ڊورائجي ته ڏکڻ آفريقي ٽيم 7 مان 6 ميچون کٽي 12 پوائنٽن سان ٻئي نمبر تي آهي، جڏهن ته نيوزيلينڊ جي ٽيم جون 7 مان 4 ميچون کٽي 8 پوائنٽون آهن ۽ اها پوائنٽس ٽيبل تي چوٿين نمبر تي اچي وئي آهي.

جيڪڏهن نيوزيلينڊ جي ٽيم ايندڙ ٻئي ميچون به هارائي ٿي ته پوءِ پاڪستان پنهنجون ايندڙ رهيل ٻئي ميچون کٽڻ جي صورت ۾ سيمي فائنل ۾ پهچي ويندو.

جيڪڏهن نيوزيلينڊ جي ٽيم ايندڙ ٻن ميچن مان هڪ ميچ کٽي ٿي ۽ پاڪستان ٻئي ميچون کٽي ٿو ته پوءِ ٻنهي جون پوائنٽون 10-10 رهنديون، جنهن کانپوءِ فيصلو رن ريٽ جي بنياد تي ٿيندو.

هوڏانهن افغانستان جي ٽيم به 6 مان 3 ميچون کٽي 6 پوائنٽن سان سيمي فائنل ۾ ڊوڙ ۾ شامل ٿي وئي آهي، جيڪڏهن افغانستان جي ٽيم اڳتي ڪاميابيون ماڻي ٿي ته پوءِ به گرين شرٽس لاءِ سيمي فائنل ۾ پهچڻ مسئلو ٿي سگهي ٿو.

آسٽريلوي ٽيم 6 مان 4 ميچون کٽي 8 پوائنٽن سان پوائنٽس ٽيبل تي چوٿين نمبر تي آهي پر ان جون ڪمزور ٽيمن سان ميچون رهيل آهن، تنهن ڪري ظاهري طور ڪينگروز کي سيمي فائنل تائين پهچڻ ۾ ڪو مسئلو پيش نه ايندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.