آيت الله خامنه اي مسلمان ملڪن کان اسرائيل جي بائيڪاٽ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي مسلمان ملڪن کان مطالبو ڪيو آهي ته اهي اسرائيل کي تيل ۽ خوراڪ جون برآمدون روڪي ڇڏين.
پرڏيهي خابرو اداري موجب تهران ۾ شاگردن جي گروپ سان ڳالهائيندي آيت الله خامنه اي چيو ته غزا ۾ فوري طور تي بمباري روڪي وڃي ۽ صيهوني رياست کي تيل ۽ خوراڪ جون برآمدون به روڪڻ گھرجن.
هن چيو ته فلسطينين جي خلاف اسرائيل جي جنگي ڏوهن ۾ آمريڪا به شريڪ ڏوهاري آهي.
سندس چوڻ هو ته اسلامي دنيا کي هن وقت غزا مسئلو هرگز نه وسارڻ گھرجي جتي آمريڪا، برطانيا ۽ فرانس مظلومن جي خلاف بيٺل آهي.
آيت الله خامنه اي چيو ته فلسطين جي مزاحمت ڪندڙن کي دهشتگرد قرار ڏيڻ اولهه جو شرم جوڳو عمل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.