پ پ پرڏيهين جي بي دخلي خلاف ميدان ۾ اچي وئي، سپريم ڪورٽ ۾ درخواست

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ مان پرڏيهين جي بي دخلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي.
سپريم ڪورٽ ۾ آرٽيڪل 3/184 جي درخواست فرحٽ الله بابر، سينيٽر مشتاق ۽ محسن داوڙ داخل ڪئي، جنهن ۾ وفاق، صوبن، نادرا، پرڏيهي ۽ گهرو وزارت کي ڌر بڻايو ويو آهي.
درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي آهي ته نگران حڪومت جو وڏي انگ ۾ ماڻهن جي بي دخلي جو فيصلو غير قانوني قرار ڏنو وڃي، جن جي پيدائش پاڪستان ۾ ٿي، شهريت انهن جو حق آهي.
درخواستگذارن موجب جن شهرين وٽ قانوني دستاويز آهي، انهن جي بي دخلي غير قانوني آهي.
واضح رهي ته گهرو وزارت طرفان پهرين نومبر کان غير قانوني پرڏيهين جي ملڪ بدري ۽ گرفتاري جو عمل شروع ٿي چڪو آهي.
پڌرائيءَ موجب پاڪستان مان ويندڙن سان ۽ بي دخلي جي عمل ۾ عزت ۽ احترام سان پيش اينداسين، کين خوراڪ، طبي امداد سميت سموريون ضروري سهولتون فراهم ڪيون وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.