يوٽيوب استعمال ڪندڙن لاءِ بري خبر

جيڪڏهن اوهان يوٽيوب تي اشتهارن کي روڪڻ لاءِ ايڊ بلاڪر استعمال ڪندا آهيو ته هاڻي ائين ممڪن نه هوندو.
ڪمپني طرفان عالمي سطح تي ايڊ بلاڪرز جي استعمال خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته جون 2023ع ۾ يوٽيوب طرفان عالمي سطح تي ايد بلاڪرز کي ڊس ايبل ڪرڻ جي ننڍي تجربي جو اعلان ڪيو ويو هو.
هاڻي يوٽيوب اها پابندي سڄي دنيا ۾ جي واهپيدارن لاءِ لاڳو ڪري ڇڏي آهي.
ڪمپني طرفان واهپيدارن کي چيو ويندو ته هو يوٽيوب تي اشتهارن کي ڏسن يا يوٽيوب پريميئم (ان پروگرام ۾ اشتهارن ناهن ڏيکارياويندا) جي فيس ادا ڪن.
يوٽيوب جي عهديدار ڪرسٽوفر لائوٽن چيو ته هاڻي جيڪڏهن ڪو واهپيدار يوٽيوب تي ايڊ بلاڪر جو استعمال ڪندو ته ان جي آڏو هڪ ميسيج ايندو (جنهن جو اسڪرين شاٽ اوهان هيٺ ڏسي سگھو ٿا).

یہ وہ میسج ہے / اسکرین شاٹ
پر اهم ڳالهه اها آهي ته جيستائين واهپيدارن طرفان ايڊ بلاڪر کي ڊس ايبل نه ڪيو ويندو، ان لاءِ يوٽيوب وڊيوز ڏسڻ ممڪن نه هوندو.
ڪرسٽوفر لائوٽن موجب ايڊ بلاڪرز جو استعمال يوٽيوب جي اصول ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.