ڪراچي: ڊي سي سائوٿ جون منافعي خورن خلاف ڪاروايون، لکين رپيا ڏنڊ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ضلعي ڏکڻ جي ڊي سي ڪيپٽن (ر) الطاف حسين ساريو عام واهپي جي شين جا اگهه وڌائيندڙن، منافعي خورن ۽ ذخيرا اندوزي ڪندڙ خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو آهي.

اسسٽنٽ ڪمشنرز، مختارڪارن ۽ اگهه تي ضابطو آڻيندڙ ٽيم تي ٻڌل آفيسرن اگهن تي ضابطو آڻڻ جي حوالي سان عام واهپي جي شين جا اگهه مقرر ڪرڻ لاءِ سرگرميون جاري رکيون.

ڏکڻ ڪراچي جي مختلف سب ڊويزنز ۾ سرڪار طرفان مقرر ڪيل اگهن تي شيون وڪرون نه ڪندڙن خلاف اڄ ويهه دڪاندارن تي هڪ لک يارهن هزار رپين جو ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو.

اهڙو ڏنڊ سول لائينز، صدر، گارڊن، آرام باغ ۽ لياري سميت مختلف علائقن ۾ منافعي خورن تي لاڳو ڪيو ويو.

ڊپٽي ڪمشنر اي سيز ۽ مختيارڪارن کي عام واهپي جون شيون سرڪار طرفان مقرر اگهن تي وڪرو ڪرائڻ کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.

ان موقعي تي ڊي سي جو چوڻ هو ته عوام کي سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ مناسب اگهن تي شين جو وڪرو ضروري آهي جنهن لاءِ منافعي خورن خلاف ڪاروايون ڪيون آهن.

هن چيو ته اسان شهرين کي رليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ منافعي خورن کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪنداسين، عوام کي گهرجي ته وڌيڪ اگهه وڌندڙن جي نشاندهي ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.