اسرائيل دماغي توازن وڃائي ويٺو آهي: ترڪ صدر

انقرا (ويب ڊيسڪ) ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان غزا ۾ وحشياڻي بمباري ڪندڙاسرائيلي رياست تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته حماس سان جنگ ۾ اسرائيل ذهني توازن وڃائي ويٺو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب صدر اردگان چيو ته جيڪي ماڻهو اڄ غزا جي هزارين ٻارن جي موت کي خاموشي سان ڏسي رهيا آهن انهن سان سڀاڻي جيڪو ٿيندو، ان تي چوڻ لاءِ ڪجهه به نه بچندو.
ڪابينا اجلاس کان پوءِ هڪ بيان ۾ هڪ رجب طيب اردگان جو چوڻ هو ته اسرائيل غزا ۾ جنگي ڏوهه ڪري رهيو آهي، جيترو جلدي ممڪن ٿئي اسان کي اسرائيل کي روڪڻ گھرجي، اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻائينداسين ته غزا ۾ جنگي ڏوهن جي ذميوارين جو احتساب ٿئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.