سپريم جوڊيشل ڪائونسل شڪايتن تي ڪيئن ڪارروائي ڪري ٿي ؟

تحرير: شھزاد ملڪ

سپريم جوڊيشل ڪائونسل ٽي ٻن جي اڪثريت سان سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس مظاھر نقوي کي ناجائز اثاثن واري ڪيس ۾ شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي 10 نومبر تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي.اهو شوڪاز نوٽيس پاڪستان بار ڪائونسل، صوبائي بار ڪائونسلز ۽ وڪيل ميان دائود ايڊووڪيٽ طرفان سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ داخل ڪرايل 10 شڪايتن جي روشني ۾ جاري ڪيو ويو. اھي شڪايتون جسٽس مظهر اڪبر نقوي جي آمدني کان وڌيڪ اثاثن ٺاهڻ ۽ ذاتي فائدن لاءِ اختيار استعمال ڪرڻ بابت هيون.

چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني سپريم جڊيشل ڪائونسل جمعي تي پنهنجي اجلاس ۾ شڪايتن جو جائزو ورتو، جنهن جي روشني ۾ جسٽس مظاهر اڪبر نقوي کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.ان کان سواءِ سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج سردار طارق مسعود خلاف شڪايت ڪندڙ آمنه ملڪ طرفان درخواست داخل ڪئي وئي هئي، جنهن تي غور ڪيو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته آمنه ملڪ کي ڪائونسل جي ايندڙ اجلاس ۾ طلب ڪيو ويندو ۽ کيس چيو ويندو ته هو شڪايت جي حوالي سان وڌيڪ مواد مهيا ڪري. جيڪو  جسٽس سردار طارق مسعود کي ڏنو ويندو تھ جيڪڏھن ھو چاھي ته جسٽس پنھنجو جواب ڏئي سگھي.

جسٽس مظاهر اڪبر نقوي تي الزام ڪھڙا آھن ؟ سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ جسٽس مظاھر اڪبر نقوي خلاف داخل ڪيل شڪايتن ۾ انهن ملڪيتن جا تفصيل به ڏنا ويا آهن جيڪي هن پنهنجي ملازمت دوران مبينه طور تي ٺاهيون آھن.ميان دائود ايڊووڪيٽ طرفان سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ داخل درخواست ۾ جسٽس مظاهر اڪبر نقوي جي پٽن جي نالن تي”مشڪوڪ انداز ۾ “ خريد ڪيل ملڪيتن جا دستاويز شامل آهن.انھن شڪايت ۾ جسٽس مظهر اڪبر نقوي جي ڌيءَ کي برطانوي بئنڪ اڪائونٽ ۾ موڪليل پائونڊن جي رسيد به شامل آهي.

شڪايت سان شامل ڪيل دستاويزن ۾ چيو ويو آهي ته جسٽس مظاهر اڪبر نقوي 2021ع ۾ گلبرگ لاهور ۾ 2 ڪنال 4 مرله جو پلاٽ 4 ڪروڙ 44 لک رپين ۾ خريد ڪيو جڏهن ته ان جي قيمت 7 ڪروڙ 20 لک رپيا ظاهر ڪئي وئي.

انهن دستاويزن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته جسٽس مظاهر اڪبر نقوي 2022 ۾ پلاٽ پنهنجي مبينا فرنٽ مين محمد صفدر کي 13 ڪروڙ رپين ۾ وڪرو ڪيو ۽ بعد ۾ ان کي 4 ڪروڙ 96 رپين ۾ ڊڪليئر ڪيو ويو. دستاويزن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جسٽس مظاهر نقوي سينٽ جونز پارڪ ڪينٽ ۾ 465ڪروڙ مارڪيٽ ويليو جو 4 ڪنال جو پلاٽ 10 ڪروڙ 70 لک رپين ۾ خريد ڪيو. انهن دستاويزن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ڄاڻايل جج پنهنجي مبينا فرنٽ مين جي مدد سان هڪ ڪنال جو پلاٽ هڪ خانگي هائوسنگ سوسائٽي ۾ صرف 5 لک رپين ۾ ڏياريو، جڏهن ته پلاٽ جي ان وقت مارڪيٽ  قيمت 2 لک رپين کان وڌيڪ هئي.

دستاويزن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته جسٽس مظهر اڪبر نقوي جي ٻن پٽن کي ھڪ خانگي هائوسنگ سوسائٽي ۾ ڪمرشل پلاٽ صرف 9 لک رپين ۾ ڏنا ويا.جڏھن تھ مارڪيٽ ۾ انهن پلاٽن جي قيمت 3 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ آهي.انهن دستاويزن ۾ اهو به الزام آهي ته ذڪر ڪيل جج  جي نياڻي جي فارن ڪرنسي اڪائونٽ ۾ 10 هزار برطانوي پائونڊز دبئي مان منتقل ڪيا ويا.هن وقت تائين، جسٽس نقوي پنهنجي خلاف الزامن جو جواب نه ڏنو آهي.

اڳتي ڇا ٿيندو؟

آئيني معاملن جي ماهر حامد خان جو چوڻ هو ته ڪنھن بھ جج، جنھن  تي الزام آهي، کي شوڪاز نوٽيس جاري ٿيڻ کانپوءِ شڪايت جو جواب ڏيڻو ھوندو آھي. هن چيو ته  جج پاران جواب ڏيڻ جي صورت ۾ سپريم جڊيشل ڪائونسل جو اجلاس ٻيهر طلب ڪيو ويندو آهي جنهن ۾ جنهن جج کي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي ان جي جواب تي تفصيل سان غور ڪيو ويندو آهي.

هن چيو ته جيڪڏهن سپريم جڊيشل ڪائونسل جج جي جواب مان مطمئن ٿي وڃي ته ان ريفرنس يا شڪايت ان وقت ئي نيڪال ڪئي ويندي آهي، پر ڪائونسل جج جي جواب مان مطمئن نه ٿئي ته پوءِ جنھن جج کي نوٽيس جاري ڪيل ھوندو آهي،ان خلاف انڪوائري شروع ڪئي ويندي آهي

حامد خان چيو ته سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي ڪارروائي بند ڪمري  ۾ ٿيندي آهي، بھرحال جيڪڏھن متاثر جج چاهي ته سندس خلاف ڪارروائي اوپن ڪورٽ ۾ ھلي تھ ان لاءِ درخواست ڏئي سگهي ٿو.هن چيومتاثر جج  خلاف جاچ لاءِ  سپريم جوڊيشل ڪائونسل ڪنهن به اداري کي جي خدمت حاصل ڪري سگهي ٿي.حامد خان چيو ته جيڪڏهن شوڪاز نوٽيس جاري ڪندڙ جج ڏوهي ثابت ٿئي ٿو ته پوءِ سپريم جڊيشل ڪائونسل ان باري ۾ رپورٽ صدر مملڪت کي موڪلي ٿي ۽ صدر سپريم جوڊيشل ڪائونسل پاران موڪليل رپورٽ تي عمل ڪرڻ جو  پابند آھي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس شوڪت عزيز صديقي کي سپريم جڊيشل ڪائونسل جي رپورٽ جي روشني ۾ صدر مملڪت نوڪري مان برطرف ڪيوھو.

سپريم جوڊيشل ڪائونسل ڪيئن ڪم ڪندي آهي؟سپريم جوڊيشل ڪائونسل پنجن ميمبرن تي ٻڌل ھوندي آهي. سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس ڪائونسل جو سربراهه، جڏهن ته سپريم ڪورٽ جا ٻه سينيئر جج ان جا ميمبر ھوندا آهن. ان کان علاوه ملڪ جي پنجن هاءِ ڪورٽن جا ٻه سينيئر چيف جسٽس به ان جا ميمبر ٿيندا آهن.اھا ڪائونسل سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججن خلاف اخلاقي ضابطي  جي ڀڃڪڙي يا مبينھ بدعنواني ۾ ملوث هجڻ بابت شڪايتن جو جائزو وٺندي آهي ۽ شڪايت درست ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ان جج خلاف آرٽيڪل 209 تحت ڪارروائي ڪئي ويندي آهي.

سپريم جڊيشل ڪائونسل جو آخري اجلاس سال 2021ع ۾ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس گلزار احمد جي صدارت هيٺ ٿيوھو.ان کانپوءِ اڳوڻي چيف جسٽس عمر عطا بنديال سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو ڪو به اجلاس نه گهرايو.جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي صدارت هيٺ جمعي واري ڏينھن جي سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي اجلاس 29 شڪايتن جو جائزو ورتو ويو، جن مان 19 شڪايتون رد ڪيون ويون.انهن ۾ سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس اعجاز الاحسن خلاف داخل ڪيل شڪايتون به شامل آهن.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.