غير قانوني پرڏيهين جي نيڪالي لاءِ حڪومتي ڪوششون

تحرير: آسيھ انصر

افغان پناهگيرن سميت پاڪستان ۾ رھندڙ غير قانوني پرڏيهين جي رضاڪاراڻي طور ملڪ ڇڏڻ جي آخري تاريخ ڪالهه ختم ٿي وئي آھي. حڪومت 31 آڪٽوبر جي ڊيڊ لائن ڏني هئي ۽ واضح طور تي چيو هو ته ان ۾ واڌ نه ٿيندي.

گڏيل قومن ۾ انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر روينا شمداساني چيو آهي ته پاڪستان حڪومت جي ان عمل سان 14 لک غير رجسٽرڊ افغان شهري متاثر ٿيندا.پر حڪومت جي هڪ محتاط اندازي موجب 17 لک افغان شهري غير قانوني پاڪستان ۾ ٽڪيل آھن.

سوال اڀري ٿو ته ڇا حڪومت جو اهو اعلان رڳو افغان شهرين لاءِ آهي ؟ ساڳئي وقت اھو بھ سوال آھي تھ ھن وقت تائين ڪيترا افغاني  رضاڪاراڻي طور واپس ويا ۽ پهرين نومبر کانپوءِ غير قانوني طور رهندڙن جو مستقبل ڇا ٿيندو ؟

حڪومت موجب پهرين نومبر تائين ’رضاڪاراڻي واپسي ‘ جي حوصلھ افزائي ڪئي پئي وڃي، پر پهرين نومبر کان پوءِ غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين خلاف آپريشن جي تياري ڪئي پئي وڃي. گهرو وزير جو چوڻ آهي ته اسان ”هولڊنگ سينٽرز“ ٺاهي رھيا آهيون.جتي انھن کي رکيو ويندو. ڇاپا هڻي انھن کي ھٿ ڪري اتي آندو ويندو.

سرفراز بگٽي موجب ”انهن سمورن مرحلن ۾ عورتن، ٻارن ۽ بزرگن سان احترام سان  پيش اچبو.راشن سان گڏ دوائون به ڏنيون وينديون. جتان هر هفتي ۾ ٽن کان چئن شفٽن ۾ اتان انھن شھرين کي سرحد پار منتقل ڪيو ويندو“.سندس چوڻ هو ته سموريون صوبائي حڪومتون ان سلسلي ۾ تعاون ڪنديون.ان کان علاوه، جيڪي ”پاڪستاني انھن غيرقانوني طور تي رهواسين کي مسوار تي گهر ڏنا آهن اهي به ڏوهه ۾ برابر جا شريڪ آهن. اهڙن ماڻهن لاءِ هڪ موقعو آهي ته اهي غير قانوني طور تي رهندڙ ماڻهن بابت معلومات مهيا ڪن“

بلوچستان جي سڌ سماءَ واري وزير جان محمد اچڪزئي موجب پهرين نومبر کان غير قانوني مهاجرن خلاف ڪارروائي لاءِ سموريون تياريون مڪمل آهن ۽ ان سلسلي ۾ ڪوئيٽا جي بروري روڊ تي حاجي ڪيمپ ۾ ”هولڊنگ سينٽر“ قائم ڪيو پيو وڃي.

پشين ۽ قلعه عبدالله ۾ غير قانوني مهاجرن کي گهرن لاءِ ”هولڊنگ سينٽر“ ٺاهيا پيا وڃن، گھرج موجب انهن جو انگ وڌائي سگهجي ٿو.هن چيو ته غير قانوني افغان مهاجرن کي افغانستان موڪلڻ لاءِ 3 وڌيڪ ڪراسنگ سينٽر قائم ڪيا پيا وڃن، جن مان هڪ ڪراسنگ پوائنٽ قلعه سيف الله ۾ قمرالدين ڪاريز جڏهن ته ٻيو ڪراسنگ پوائنٽ چاغي ضلعي ۾ قائم ٿيندو.

خيبرپختونخواهه  اختيارين موجب افغان پناهگيرن کي شروعاتي طور تي پشاور، ايبٽ آباد ۽ خيبر ضلعي جي تعلقي لنڊي ڪوتل ۾ قائم ڪيمپن ۾ رکيو ويندو.پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي موجب غيرقانوني افغانين کي رکڻ لاءِ پنجاب جي 36 ڊويزنن ۾ 34 هولڊنگ ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن.

سنڌ جي نگران گهرو وزير برگيڊيئر حارث چيو آهي ته سمورن ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن، پوليس، نادرا عملدارن تي ٻڌل  ٽيمون ٺاهيو آهن جيڪي آپريشن ۾ حصو وٺنديون. سندس چوڻ هو ته پهرين مرحلي ۾ غير قانوني طور رهندڙ افغان شهرين کي حاجي ڪيمپ منتقل ڪيو ويندو جتي سڪيورٽي ۽ کاڌي جو انتظام ڪيو ويندو. اتان ٽي، ٽي، چار، چار سئو جي انگ ۾ ٽرين ذريعي چمن ڏانهن روانا ڪيا ويندا.

گهرو وزير سرفراز بگٽي واضح ڪيو آهي ته پاڪستان ڇڏڻ جو حڪم سمورن غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين لاءِ آهي. 31 آڪٽوبر جي مهلت کان پوءِ اهڙن سمورن ماڻهن خلاف آپريشن شروع ڪيو ويندو.

سرفراز بگٽي موجب ”جڏهن به پرڏيهين جي واپسيءَ جي ڳالهه ايندي آهي ته بدقسمتي سان افغان شهرين جو نالو سامهون ايندو آهي، ان جو سبب اهو آهي ته پرڏيهين ۾ سڀ کان وڏو تعداد افغان شهرين جو آهي“.

ٻئي طرف پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ واضح ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙ سمورن پرڏيهين کي نيڪالي ڏيڻ وارو منصوبو لاڳو ٿيندو.منصوبي  تي عمل ۾ ڪنھن  به ملڪ يا قوميت کي خاطر ۾ نھ رکيو ويندو.پاڪستان ۾ رهندڙ سڀئي رجسٽرڊ پرڏيهي ان جي دائري ۾ نٿا اچن .پرڏيهي آفيس موجب فيصلو پاڪستان جي خودمختياري ۽ عالمي اصولن کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي. پاڪستان جي حڪومت خراب صورتحال کان متاثر ماڻهن جي حفاظت لاءِ پرعزم آهي.

پاڪستان جي صوبي بلوچستان جي سرحدي ضلعي چمن ۾ مقامي ماڻهو گذريل 10 ڏينهن کان احتجاج ڪري رهيا آهن ۽ انهن ۾ اڪثريت واپارين جي آهي.اختيارين اعلان ڪيو آهي ته پهرين نومبر کانپوءِ چمن بارڊر تان پاڪستان جي شناختي ڪارڊ تي افغانستان وڃڻ ۽ افغانستان جي شناختي ڪارڊ (تذڪرا) تي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي هوندي ۽ اھا اچ وڃ هاڻي ويزا تحت ٿيندي، جنهن تي مقامي ماڻهو احتجاج ڪري رهيا آهن.

ياد رهي ته چمن بارڊر ذريعي روزانو 30 هزار کان 40 هزار ماڻهو افغانستان ۾ اچن وڃن  ٿا ۽ ان لاءِ انهن کي صرف پنهنجو شناختي ڪارڊ ڏيکارڻو پوندو آهي. ٻنهي پاسن جي ماڻهن نون پاڻ ۾ نھ رڳو مائٽيون آھن.پر  اھي روزانو واپار جي سلسلي ۾ پاڪستان کان افغانستان ۽ افغانستان کان پاڪستان جو سفر ڪن ٿا.روزاني اچ وڃ دوران پاڪستاني واپاري جي حيثيت سان افغانستان جي علائقي قنڌار تائين ويندا آهن، جڏهن ته افغان شهري به واپار يا روزگار جي غرض سان بلوچستان جي ضلعي قلعه عبدالله ۾ ايندا آهن ۽ شام جو واپس پنهنجي وطن واپس ويندا آهن.

پاڪستان جي فيصلي تي افغانستان جو ردعمل ڇا آهي؟

افغان حڪومت جي ترجمان ذبيح الله مجاهد موجب افغانستان ۾ اسلامي امارت جي سپريم ليڊر طرفان جاري ڪيل حڪم نامي ۾ افغان شهرين کي بي دخل ڪرڻ واري عمل کي سمورن روايتن جي خلاف قرار ڏنو ويو آهي.افغانستان ۾ مولوي عبدالسلام حنفي جي سربراهي ۾ هڪ ڪميشن پاڪستان ۽ ٻين ملڪن مان بي دخل ڪيل افغان شهرين کي سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پلان تيار ڪري رهي آهي.

 

سنڌ جي نگران گهرو وزير برگيڊيئر حارث چيو آهي ته سمورن ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن، پوليس، نادرا عملدارن تي ٻڌل  ٽيمون ٺاهيو آهن جيڪي آپريشن ۾ حصو وٺنديون. سندس چوڻ هو ته پهرين مرحلي ۾ غير قانوني طور رهندڙ افغان شهرين کي حاجي ڪيمپ منتقل ڪيو ويندو جتي سڪيورٽي ۽ کاڌي جو انتظام ڪيو ويندو. اتان ٽي، ٽي، چار، چار سئو جي انگ ۾ ٽرين ذريعي چمن ڏانهن روانا ڪيا ويندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.