ڇا حارث رئوف جو واسطو ”ايلومناٽي“ سان آهي؟

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۾ گهڻي قدر پروفيشنل رانديگرن جو واسطو غريب گهراڻن سان هوندو آهي، جيڪي غربت سبب معياري تعليم کان به وانجهيل هوندا آهن.
پاڪستاني رانديگرن جي انگريزي ميڊيا توڻي سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻيل هوندي آهي.
هونئن ته سڄي دنيا ۾ پروفيشنل رانديگرن جي تربيت تي پڻ خاص ڌيان ڏنو ويندو آهي ۽ کين آگاهه ڪيو ويندو آهي ته ميدان جي اندر يا ٻاهر ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ ڇا نه.
پر افسوس اسان وٽ سدائين ان جي ابتڙ ٿيندو رهيو آهي، رانديگرن جي ٽريننگ نه ٿيڻ سبب اهڙا کوڙ واقعا پيش اچي چڪا آهن جيڪي مُلڪ لاءِ شرمساري جو سبب بڻيا.
شهرت جي بلندين کي ڇهندڙ رانديگر، ڪڏهن اسپاٽ فڪسنگ سبب ملڪ کي بدنام ڪندا آهن ۽ وري اسپاٽ فڪسنگ جهڙي سنگين معاملي کي ڏوهه مڃڻ کان به انڪار ڪندا آهن.
پاڪستاني رانديگر تعليم جي کوٽ ۽ تاريخ بابت اڻڄاڻي سبب اهڙيون غلطيون به ڪندا رهيا آهن جن سبب مُلڪ جي ساک متاثر ٿيندي رهي.
تازو ئي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي نوجوان فاسٽ بالر حارث رئوف به اهڙي ئي غلطي ڪري ويٺو جنهن تي کيس پڇتائڻو پئجي سگهي ٿو.
حارث رئوف وڪيٽ وٺڻ دوران ٻنهي هٿن کي پاڻ ۾ گڏائي هڪ مخصوص ” نشان “ ٺاهيو جنهن بابت سندس چوڻ هو ته هڪ فلم دوران هن اِهو نشان ڏٺو ۽ پهه ڪيو ته ميچ ۾ وڪيٽ وٺڻ تي هو اِهو مارڪ ٺاهيندو.
پر تاريخ بابت اڻڄاڻ حارث رئوف جيڪو نشان ٺاهيو اِهو اصل ۾ ” ايلوميناٽي“ هو .
ايلوميناٽي ڇا آهي؟
اليومناٽي هڪ ڳجهي سوسائيٽي هئي جيڪا باوريا ( موجودا جرمني ) ۾ سال 1776ع ۾ قائم ٿي.
1785ع تائين قائم رهندڙ سوسائٽي سان سلهاڙيل ماڻهو پاڻ کي ” پرفيڪٽبلسٽس “ چوندا هئا.
سوسائٽي جو باني قانوندان پروفيسر ايڊم ويشپٽ هو، جنهن جو مقصد هو ته هو قانونِ منطق ۽ فلاح ۽ بهبود جي تعليم عام ڪري ۽ معاشري مان توهم پرستي ۽ مذهبن جي اثرن کي گهٽايو وڃي.
ايڊم ويشپٽ جي خواهش هئي ته هو يورپي ملڪن ۾ حڪومتي نظام کي تبديل ڪري ۽ رياسي معاملن مان مذهب کي ختم ڪري ۽ ماڻهن کي روشني جي نئين راهه ڏيکاري.
ان کانسواءِ مخلتف تاريخدانن جو چوڻ آهي ته ايلومناٽي جا پيروڪار شيطان جي عبادت ڪندا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.