اسڪول مان نوجوان اغوا ڪرڻ جي وڊيو وائرل، هڪ ڄڻي جي 6 ڄڻن سان زبردست مزاحمت

لاهور جي هڪ اسڪول ٻاهران موجود ٻن شاگردن کي ڪجهه موٽرسائيڪل ۽ ڪار سوار پهچي اغوا ڪن ٿا جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهي آهي.

لاهور پوليس واقعي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي جڏهن ته جوابدارن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.

وائرل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته جنهن کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي اهو 6 ئي ڄڻن سان مزاحمت ڪري ٿو ۽ ڀرپاسي جا موجود پسٽل سبب بي وس بيٺل رهن ٿا ۽ ڪا مزاحمت نٿا ڪن آخر ڪار جوابدار کيس اغوا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.