آن لائين ڪاروبار ڪندڙ چيني ڪمپنين نقشن مان اسرائيل جو نالو هٽائي ڇڏيو

بيجنگ (ويب ديسڪ) چين جي ڪمپنين بيدو ۽ علي بابا پنهنجي آن لائين ڊجيٽل نقشن تان سرائيل جو نالو هٽائي ڇڏيو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آن لائين رٽيلر چيني ڪمپني علي بابا ۽ مشهور ٽيڪنالوجي ڪمپني بيدو جي آن لائين نقشن تي هاڻ اسرائيل جو نالو موجود ناهي.
رپورٽ موجب بيدو جا آن لائين نقشا اسرائيل جي ”تسليم ٿيل“ سرحدن سان گڏوگڏ فلسطيني علائقن جي نشاندهي ڪري رهيا آهن پر بيدو جي آن لائين نقشي ۾ ملڪ جي سڃاڻپ جي طور تي اسرائيل جو نالو موجود ناهي.

بیدو کے آن لائن نقشے میں ملک کی شناخت کے طور پر اسرائیل کا نام موجود نہیں ہے،فوٹو: اسکرین شاٹ
آمريڪي اخبار موجب لڪسمبرگ جهڙو ننڍي ملڪ جو نالو به آن لائين نقشن تي موجود آهي پر اسرائيل جو ناهي.
وال اسٽريٽ جرنل موجب چين جي ڪمپنين طرفان ان حوالي سان ڪا به وضاحت پيش ناهي ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.