آءِ پي ايل ۾ ٽم ڊيوڊ جي ڇڪي تماشائي کي اسپتال پهچائي ڇڏيو

ڇنڇر ڏهاڙي تي دهلي جي ارون جيٽلي اسٽيڊيم ۾ انڊين پريميئر ليگ جي هڪ مئچ ۾ ممبئي انڊين جي بيٽر ٽم ڊيوڊ ڪيترائي ڇڪا هنيا.
مئچ ۾ ٽم ڊيوڊ هڪ اهڙو ڇڪو به هنيو، جنهن سان بال اسٽيڊيم ۾ ويٺل تماشائي جي منهن ۾ لڳو جنهن تي هو شديد زخمي ٿي پيو.
دهلي ڪيپيٽلز ۽ ممبئي انڊينز وچ ۾ کيڏي ويندڙ مئچ ۾ ممبئي انڊينز کي 10 رنسن سان شڪست ملي.
ممبئي انڊينز جي اننگ دوران چوڏهين اوور ۾ فاسٽ بالر خليل احمد کي پنجين بال تي ٽم ڊيوڊ مڊ وڪيٽ تي کيڏي ڇڪو هنيو.
اسٽيڊيم ۾ ويٺل تماشائي بال کي ڪيچ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته بال کيس منهن ۾ اچي لڳو ۽ هو شديد زخمي ٿي پيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.