مطالبن جي مڃتا لاءِ جج اغوا ڪرڻ جا تفصيل سامهون اچي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي علائقي ٽانڪ مان گذريل ڏينهن سيشن جج وزيرستان شاڪر الله مروت کي اغوا ڪيو ويو هو جنهن جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن.

ذريعن موجب سيشن جج جي اغوا جو ڪيس ڊيرا اسماعيل خان جي ٿاڻي سي ٽي ڊي ۾ داخل ڪيو ويو.

سيشن جج جي ڊرائيور شير علي جي فرياد تي داخل ڪيس ۾ دهشتگردي سميت ٻيا قلم شامل ڪيا ويا.

ڪيس موجب جج جي گاڏي ڊيرا ٽانڪ روڊ پهتي ته 25 کان 30 هٿياربندن جج جي گاڏي روڪي ڊرائيور جي اکين تي پٽي ٻڌي ڇڏي ۽ ڪجهه هٿياربند جج جي گاڏي ۾ سوار ٿي ويا.

40 منٽن کانپوءِ گاڏي کي روڪيو ويو ته سامهون جهنگ هو ۽ جج جا ڪپڙا لاهي کيس شلوار قميس پائڻ جو چيو ويو.

جج جي لباس تبديل ڪرڻ کانپوءِ سندس گاڏي کي باهه ڏني وئي ۽ ڊرائيور ڇڏيندي اهو چيو ويو ته هاڻي اسان مطالبا پيش ڪنداسين، جيڪڏهن اهي پورا ٿي ويا ته جج کي ڇڏي ڏينداسين نه ته خطرناڪ نتيجا نڪرندا.

تنهن کانپوءِ هٿياربند جج کي موٽرسائيڪل تي ويهاري جهنگ ۾ کڻي ويا جنهن جو هن وقت تائين پتو ناهي پيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.