هر پاڪستاني 2 لک اٺاسي هزار جو قرضي!

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي اڳوڻي ناڻي واري وزير ڊاڪٽر عائشا غوث پاشا چيو آهي ته اسان آمدن گهٽ ۽ خرچ وڌائي ڇڏيا آهن، هينئر هر پاڪستاني شهري ٻه لک اٺاسي هزار جو قرضي آهي.
لاهور ۾ جاري عاصما جهانگير ڪانفرنس ۾ ڳالهائيندي عائشا غوث چيو ته جڏهن ادائيگي ڊالر ۾ڪرڻي آهي ته ڊالر ڇاپي نٿا سگهون، ڊالر ڪمائڻا پوندا آهن، اسان گذريل ٻارنهن سالن ۾ ماضيءَ کان ٻيڻو قرضو کنيو آهي، اسانکي آءِ ايم ايف کي ايندڙ ٽن سالن ۾ 60 بلين ڊالر ادا ڪرڻا آهن.
هن جو چوڻ هو ته بجيٽ خساري کي پورو ڪرڻ لاءِ قرض ورتو ويندو آهي، انڪم وڌائڻ لاءِ ايڪسپورٽ وڌائڻي پوندي آهي، پبلڪ کي ريليف جي ذميواري صوبائي حڪومتن وٽ آهي، اها ڳالهه شرم جي آهي ته دنيا اڳتي اسان پوئتي وڃي رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.