گهانا جي مسلمان روزي جي حالت ۾ عالمي رڪارڊ ٺاهي ورتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آفريقي ملڪ گهانا سان واسطو رکندڙ هڪ مسلمان شاگرد روزي جي حالت ۾ هڪ ڪلاڪ ۾ 1123 وڻن کي ڀاڪر پائي عالمي رڪارڊ ٺاهي ورتو، ان وقت هو روزي جي حالت ۾ ئي هو.

الاباما ۾ ٻيلن جي تعليم حاصل ڪندڙ شاگرد ٽسڪيگي نيشنل فاريسٽ ۾ اهو رڪارڊ قائم ڪيو.

29 سالن جي نوجوان جو نالو ابوبڪر طاهرو آهي جيڪو ٽيپا جي پورهيت گهراڻي سان واسطو رکي ٿو، کيس قدرتي خوبصورتي جي تحفظ ۾ دلچسپي آهي ۽ ٻيلن ۽ زراعت جي شعبي ۾ ماسٽر ڪري رهيو آهي.

هن عالمي رڪارڊ ٺاهڻ جا 3 شرط پورا ڪيا، هڪ ته وڻن کي ٻنهي ٻانهن ڀاڪر پائڻ، ٻيو وڻ کي ڪو نقصان نه ٿيڻ، ٽيون ڪنهن به ساڳئي وڻ کي ڀاڪر نه پائڻو هو ۽ هن ڪلاڪ اندر ڊوڙي ڊوڙي 1123 وڻن کي ڀاڪر پاتا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.