اذلان شاهه هاڪي ٽورنامينٽ لاءِ پاڪستان جي 18 رڪني ٽيم جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ) اذلان شاهه هاڪي ٽورنامينٽ لاءِ پاڪستاني 18 رڪني ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
عماد شڪيل بٽ کي قومي هاڪي ٽيم جو ڪپتان ۽ ابو بڪر کي نائب ڪپتان مقرر ڪيو ويو.
اسڪواڊ ۾ 2 گول ڪيپر عبدالله ۽ منيب الرحمان به شامل آهن.
ٻين رانديگرن ۾ اساما بشير، احتشام، عبدالله، سفيان، سلمان رازق، ارشد لياقت، معين شڪيل، ذڪريا حيات، مرتضيٰ يعقوب، غضنفر علي، عبدالرحمان، حنان شاهد،رانا وحيد ۽ اعجاز احمد شامل آهن.
پاڪستاني هاڪي ٽيم جي هيڊ ڪوچ رولنٽ اولٽمنز جو چوڻ آهي ته هاڻوڪي ٽيلينٽ کي ڏسي ڪري بهترين ٽيم تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪي ٽيم ۾ شامل ناهن اهي وڌيڪ محنت ڪن، اسانجو ٽارگيٽ نيشنز هاڪي ڪپ آهي.
رولنٽ اولٽمنز موجب اذلان شاهه ڪپ بعد نيشنز ڪپ لاءِ ٽيم ۾ تبديلي ڪري سگهجي ٿي، اسانکي اذلان شاهه جي نتيجن جو فڪر ناهي، هڪ سٺي ٽيم تيار ڪرڻي آهي، بهتر پرفارم ڪيو ته ايونٽ کٽي سگهون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.