ڊيرا اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، ٻه دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڊيرا اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻه شرپسند مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته دهشتگردن جي سڃاڻپ فهيم نواز عرف گنڊاپوري ۽ محسن نواز جي نالن سان ٿي، انهن وٽان هٿيار، گولا، بارود ۽ ڌماڪيدار مواد برآمد ٿيو، دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز خلاف ڪيترين ئي ڪارروائين سميت ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڀتي خوري سميت بي ڏوهه شهرين جي قتل ۾ ملوث هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.