پٽ جي سالگرهه جي موقعي تي ثانيا مڙس کي نظرانداز ڪري ڇڏيو!

حيدرآباد دکن ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ ۽ ڀارت جي اڳوڻي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا جي پٽ اذهان جي سالگرهه جي موقعي تي ثانيا به شعيب جيان فيملي پڪچرز پوسٽ نه ڪيون.

ثانيا مرزا سوشل ميڊيا تي پٽ جي سالگرهه جون تصويرو پوسٽ ڪيون، سندس پنج تصويرن مان هڪ ۾ به شعيب ملڪ موجود ناهي جڏهن ته گذريل ڏينهن شعيب ملڪ جي پوسٽ ۾ به فيملي پڪچرز نه هيون پر ثانيا مرزا پس منظر ۾ نظر اچي رهي هئي.

هاڻ ثانيا پٽ، پنهنجي والدين ۽ ڀيڻ سان گڏ تصويرون شيئر ڪيون ۽ ڪيپشن ۾ لکيو ته ” اسان جي زندگيءَ جي سڀ کان روشن ستاري کي سالگرهه مبارڪ هجي“ .

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Sania Mirza (@mirzasaniar)

اڳوڻي ٽينس اسٽار چيو ته منهنجي چوڌاري جيتري به اونداهي هجي تنهنجي مُرڪ ان کي بهتر بڻائي ڇڏيندي آهي، غيرمشروط پيار جو مطلب جو مطلب سمجهائڻ تي ٿورائتي آهيان.

ياد رهي ته شعيب ملڪ ۽ ثانيا مرزا جي اختلافن جون ڊگهي عرصي کان خبرون گردش ڪري رهيون آهن، ثانيا مرزا ۽ شعيب ملڪ پنهنجي شاديءَ جي حوالي سان ڪنهن خبر جي تصديق يا ترديد ناهي ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.