پي سي بي چيئرمين پاران بابر جي ذاتي واٽس ايپ چيٽ ليڪ، اڳوڻن ڪپتانن جي تنقيد

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر وقار يونس به پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جي نجي واٽس ايپ چيٽ ليڪ ڪرڻ واري معاملي تي آواز اُٿاري ڇڏيو آهي.

پاڪستان جي اڳوڻي وڪيٽ ڪيپر بيٽر راشد لطيف طرفان پي سي بي جي وڏن جي بابر اعظم جا پيغامن جو جواب نه ڏيڻ واري دعويٰ کانپوءِ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي اِهو معاملو بحث هيٺ آهي.

گذريل ڏينهن پي سي بي چيئرمين هڪ نجي ٽي وي جي شو ۾ بابر اعظم جي سي ايِ او پي سي بي سلمان نصير سان پرسنل چيٽ ڏيکاري جيڪا لائيو شيو دوران ٽي تي تي نشر پڻ ڪئي وئي .

ان معاملي تي پروگرام جي ميزبان سوشل ميديا تي وڊيو جاري ڪئي جنهن ۾ هن چيو ته اِها چيٽ ڏيکارڻ جو ڪو ارادو نه هو پر جڏهن ذڪاءَ اشرف لائيو شو دوران چيو ته اوهان ڏيکاريو ته تڏهن اِها ڏيکارڻ جو فيصلو ڪيو، اسان کي ائين نه ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن ڪنهن جي به دِل آزادي ٿي آهي معذرت ڪيون ٿا.

قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان اظهرعليءَ طرفان به بابر اعظم جي واٽس ايپ چيٽ ليڪ ڪرڻ واري معاملي تي سوال اُٿاريو ته ڇا چيٽ ڏيکارڻ کان اڳ بابرا عظم کان اجازت ورتي وئي؟ .

هاڻ اڳوڻي ڪپتان وقار يونس به سوشل ميڊيا تي ان معاملي تي ڇتي تنقيد ڪندي پڇاڻو ڪيو ته اوهان هي ڇا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو؟ .

وقار يونس نجي ٽي وي جي پروگرام جي ڪلپ پڻ سوشل ميڊيا تي شيئر ڪندي لکيو ته هي انتهائي کِل جوڳو عمل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.