پسند پرڻو ڪندڙ نوجوان جي ڀيڻ کي سندس سهري سان پرڻايو وڃي: جرڳي جو فيصلو

رحيم يار خان (ويب ڊيسڪ) رحيم يار خان ۾ پسند پرڻي تي جرڳي ڀيڻ جي شادي ڀاءُ جي سهري سان ڪرائڻ جو فيصلو ڏئي ڇڏيو.
رحيم يار خان جي علائقي چڪ جعفر آباد ۾ جرڳي پسند پرڻي تي فيصلو ٻڌايو، جنهن ۾ نوجوان جي ڀيڻ جي شادي سندس سهري سان ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
نوجوان جي وارثن الزام هنيو ته جرڳي جي فيصلي تي عمل نه ڪرڻ جي صورت ۾ جوڙي کي قتل ڪرڻ جو فيصلو ڏنو ويو آهي.
شادي ڪندڙ جوڙي اپيل ڪئي ته اسان جي حياتي کي خطرو آهي، تنهن ڪري تحفظ ڏنو وڃي.
هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته 8 مهينا اڳ جوڙي ڪراچي جي عدالت ۾ پسند پرڻو ڪيو هو، جرڳي بابت جاچ ڪري رهيا آهيون ۽ جرڳو ثابت ٿيڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.