غزا ۾ هڪ ڏينهن جو ٻار به شهيد، ڄم جي سرٽيفڪيٽ کان اڳ موت جو سرٽيفڪيٽ جاري

غزا (ويب ڊيسڪ) اسرائيل طرفان غزا تي وحشياڻي بمباري جو سلسلو جاري آهي ۽ تازو غزا جي ترڪش اسپتال ۾ بمباري جي نتيجي ۾ تباهي ڏٺي وئي آهي.
آچر ڏينهن صيهوني فوج جي بمباري ۾ هڪ ڏينهن جو ٻار به شهيد ٿي ويو، فلسطيني صحافي سوشل ميڊيا تي تازي ڄاول ٻار جي ڪفن ۾ ويڙهيل تصوير جاري ڪئي، جنهن هر ڏسندڙ کي لوڏي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب فلسطيني صحت واري وزارت ۽ صحافي ٻڌايو ته اهو ٻار هڪ ڏينهن اڳ پيدا ٿيو ۽ ان جو برٿ سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ کان اڳ ڊيٿ سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو ويو آهي.
انٽرنيٽ تي ڪيترن ئي ٻارن جا مڙهه کنيل فلسطينين جون وڊيوز به سامهون اچي رهي آهيون، جن ڏسندڙن جو جيءُ جهوري ڇڏيو آهي پر آمريڪي، اولهه ۽ يورپي اڳواڻن طرفان اسرائيلي بمباري کي ان جي دفاع جو حق ٻڌايو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.