ولي رام ولڀ گهڻ پڙهيو اديب هو، لاڏاڻي تي افسوس آهي: اعجاز قريشي

ڪراچي( پ ر) ناليواري ليکڪ ۽ اديب پروفيسر اعجاز قريشي ناليواري ليکڪ ۽ ترجمي نگار ولي رام ولڀ جي لاڏاڻي تي افسوس جو  اظهار ڪندي چيو آھي ته سائين ولي رام سنڌ جو ھڪ املھ ماڻڪ ھو. ھڪ لاجواب اديب ء ترجمع نگار پڻ ھئو.ھن سڄي عمر پنھنجي ڌرتي ء ماڻھن جي لازوال خدمت  ڪئي. ولي رام صاحب ٿر ڄاؤ ھؤ پر ھن پنھنجي زندگئ جو وڏو حصو حيدرآباد ۾ گذاريو.ھن ڪيترائي ڪتاب ترجمو ڪيا.سندس ھڪ درجن کان وڌيڪ ڪتاب لکيل آھن. ان کانسواء محترم ظفر حسن سان گڏ ڪيترائي رسالا ء ڪھاڻين ء مضمونن جا مجموعا ڪڍيا. ولي رام صاحب ھڪ گھڻ پڙھيو اديب ء دانشور ھئو. سندس ديھانت سان نه صرف سنڌي ٻولي ء ادب کي نقصان ٿيو آھي پر سڄي سنڌ سوڳوار آھي. دعا آھي ته ڌڻي کيس سرڳ ۾ جايون ڏئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.