حيدرآباد (پ ر) سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جو اجلاس قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي آفيس سيڪريٽريٽ قاسم آباد تي مرڪزي صدر رفيعه اشرف پليجو جي صدارت هيٺ ٿي گذريو، اجلاس ۾ جنرل سيڪريٽري صبا سمون، شائسته ابڙو، خوشبو ميمڻ، ماريه مڱريو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ سنڌ ۾ نياڻين جي تعليم، عورتن تي تشدد ۽ ٻين معاملن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 1،2،3ڊسسمبر 2023 تي حيدرآباد ۾ تعليمي تربيتي ٽي روزا ورڪشاپ منعقد ڪيو ويندو، ايس جي ايس ٽي جو مرڪزي وفد سڄي سنڌ ۽ حيدرآباد جي ڳوٺن ۽ شھر جي علائقن جا دورا ڪري تنظيم سازي ڪئي ويندي، ايس جي ايس ٽي جو ايندڙ اجلاس 12 نومبر ته حيدرآباد ۾ رکيو ويو، سنڌي گرلس اسٽونڊٽس تحريڪ جي مرڪزي صدر رفيعه اشرف پليجو چيو ته ڌرتي ڌڻين سنڌين لاءِ پنهنجي گادي واري شهر ڪراچي ۾ تعليم جا دروازا بند ڪيا پيا وڃن. ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگردن جي داخلا تي پابندي انتهائي شرمناڪ عمل آهي، 40 مختلف شعبن سان گڏوگڏ ھن سال جي داخلا ۾ ايل ايل بي کي به اوپن ميرٽ تي رکيو ويو، جنھن ۾ اھو واضح ڪيو ويو ته صرف اھو شاگرد ئي داخلا لاءِ اھل آھن جن جي انٽرميڊئٽ ڪراچي بورڊ کان ٿيل ھوندي، سنڌ جي ٻئي ڪنھن بورڊ جي شاگرد جي داخلا نه ٿيندي، ھر سال مختلف شعبن ۾ اوپن ميرٽ جي نالي تي ڪراچي سنڌ پاڪستان پاليسي جي نالي تحت سنڌي شاگردن جي داخلا بند ڪئي وڃي ٿي، ڪراچي يونيورسٽي جي اھا تعصباڻي پاليسي آھي جيڪا پاڪستان جي ڪنھن به اداري ۾ ناھي، اسين اھڙي سنڌ دشمن پاليسي کي رد ڪريون ٿا، صبا سمون چيو ته سنڌ جي تعليم جي تباھي سنڌ تي وڏو حملو آھي سنڌ ۾ ھزارين اسڪول ۽ ڪاليج بند پيا آھن. لکين ٻار تعليم کان محروم آھن، ھميرا اختر چيو ته حڪمرانن سنڌ ۾ ميريٽ جو جنازو ڪڍي ڇڏيو آھي، حڪمران چاھين ٿا ته سنڌ ۾ جھالت ھجي، نياڻيون تعليم حاصل نه ڪن، انڪم سپورٽ جي نالي ۾ عورتن کي پنايو وڃي پيو، بيروزگاري تمام گھڻي آھي، غريب ماڻهن جي ٻارن لاءِ اعلي تعليم جا دروازا بند آھن، ماريه مڱريو چيو ته تعليم مھانگي ۽ اميرن لاءِ آھي. سنڌ جي تعليمي نظام ۾ ڪرپشن چوٽ چڙهيل آهي، ڪرپشن ۾ ملوث ڪامورن کان حساب وٺي کين جيل موڪليو وڃي. نياڻين اعلي تعليم لاءِ دروازا کوليا وڃن، خوشبو ميمڻ چيو ته تعليمي نصاب پرائمري کان وٺي جديد، سائنسي ۽ دلچسپي وارو بناڻي سنڌ جي سمورين يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ اينٽي حراسمينٽ سيل قائم ڪيل ڪميٽين ۾ شاگردن کي شامل ڪيو وڃي، شائسته ابڙو، صنم سمون، ڪائنات چانڊيو، نساءِ مظهر، آرزو ابڙو ۽ ٻين اڳواڻن جو چوڻ هو ته عورتن کي انڪم سپورٽ جي نالي ۾ پنايڻ بدران ھر ضلعي ۾ گارمينٽ جون ۽ ٻيون فيڪٽريون قائم ڪري عورتن جي روزگار ڏنو وڃي، سنڌ جي سمورن سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن ۾ سنڌي سبجيڪٽ لازمي طور پڙهايو وڃي.